بيجنگ-14 مارچ (اي پي پي) چين ايران جي اسڪول تي آمريڪي ۽ اسرائيل جي حملي ۾ شهيد ٿيل شاگردياڻين جي والدين لاءِ 2 لک ڊالر عطئي جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا چين جي پرڏيهي وزارت جي حوالي سان ٻڌايو ته چين جي ريڊ ڪراس سوسائٽي ايراني هلال احمر سوسائٽي کي هنگامي انساني امداد خاص طور تي شهيد شاگردياڻين جي والدين سان تعزيت ۽ معاوضي لاءِ 2 لک ڊالر عطئي …
چين پاران ايراني اسڪول تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملي ۾ شهيد شاگردياڻين جي والدين لاءِ 2 لک ڊالر عطئي جو اعلان
بيجنگ-14 مارچ (اي پي پي) چين ايران جي اسڪول تي آمريڪي ۽ اسرائيل جي حملي ۾ شهيد ٿيل شاگردياڻين جي والدين لاءِ 2 لک ڊالر عطئي جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا چين جي پرڏيهي وزارت جي حوالي سان ٻڌايو ته چين جي ريڊ ڪراس سوسائٽي ايراني هلال احمر سوسائٽي کي هنگامي انساني امداد خاص طور تي شهيد شاگردياڻين جي والدين سان تعزيت ۽ معاوضي لاءِ 2 لک ڊالر عطئي ڏيڻ جو اعلان ڪيو. وزارت جي ترجمان گوجياڪون هڪ نيوز بريفنگ دوران ان موتمار حملي کي عالمي انساني قانون جي سخت ڀڃڪڙي قرار ڏنو. هن چيو ته اسڪولن ۽ ٻارن تي حملا عالمي انساني قانون جي سنگين ڀڃڪڙي ۽ انساني ضمير ۽ اخلاقيات جي هيٺين سطح کان به پري آهن. ايران جي ميڊيا رپورٽن موجب حملي ۾ شهيد ٿيل ٻارڙين سميت گهٽ ۾ گهٽ 165 ماڻهن جون آخري رسمون ادا ڪيون ويون.











