سيئول -14 مارچ (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا چيو آهي، ته اتر ڪوريا اڻڄاتل پروجيڪٽائيل اوڀر مان فائر ڪيو آهي، جڏهن ته انهن جي صحيح انگ جي تصديق اڃا باقي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اهڙو اطلاع ڏکڻ ڪوريا جي جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڏنو ۽ هو هن قوت پروجيڪٽائيل جي خصوصيت ۽ ان جي حد جو تجزيو ڪري رهيا آهن. پروجيڪٽائيل کي اوڀر پاران فائر ڪرڻ جو واقعو ان وقت …
اتر ڪوريا اڻڄاتل پروجيڪٽائيل اوڀر مان فائر ڪيو آهي: ڏکڻ ڪوريا
سيئول -14 مارچ (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا چيو آهي، ته اتر ڪوريا اڻڄاتل پروجيڪٽائيل اوڀر مان فائر ڪيو آهي، جڏهن ته انهن جي صحيح انگ جي تصديق اڃا باقي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اهڙو اطلاع ڏکڻ ڪوريا جي جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڏنو ۽ هو هن قوت پروجيڪٽائيل جي خصوصيت ۽ ان جي حد جو تجزيو ڪري رهيا آهن. پروجيڪٽائيل کي اوڀر پاران فائر ڪرڻ جو واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن ڏکڻ ڪوريا ۽ آمريڪا 11 ڏينهن جاري رهندڙ گڏيل فوجي مشقن فريڊم شيلڊ ڪري رهيا هئا. اهي مشقون 19 مارچ تائين جاري رهنديون.











