بانگوئي -14 مارچ (اي پي پي) فرانس جي پرڏيهي وزير جين نوئل باروٽ وچ آفريقي جمهوريه سان سفارتي لاڳاپن جي مڪمل بحالي جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اهن اهو اعلان وچ آفريقي جمهوريه جي 2 ڏينهن جي دوري دوران ڪيو. هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 8 سال کان پوءِ اهو پهريون موقعو آهي ته فرانس جو ڪو به پرڏيهي وزير وچ آفريقي جمهوريه ۾ موجود آهي ۽ …
فرانس پاران وچ آفريقي جمهوريه سان سفارتي لاڳاپن جي مڪمل بحالي جو اعلان
بانگوئي -14 مارچ (اي پي پي) فرانس جي پرڏيهي وزير جين نوئل باروٽ وچ آفريقي جمهوريه سان سفارتي لاڳاپن جي مڪمل بحالي جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اهن اهو اعلان وچ آفريقي جمهوريه جي 2 ڏينهن جي دوري دوران ڪيو. هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 8 سال کان پوءِ اهو پهريون موقعو آهي ته فرانس جو ڪو به پرڏيهي وزير وچ آفريقي جمهوريه ۾ موجود آهي ۽ منهنجي موجودگي ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ ۽ تڪرار جي هڪ عرصي کان پوءِ لاڳاپن جي مڪمل بحالي جي علامت آهي. فرانس جي پرڏيهي وزير چيو ته فرانس سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي.











