صدر آصف علي زرداري پاران ناليواري اداڪار شجاعت هاشمي جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد-13 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ناليواري اداڪار ۽ صداڪار شجاعت هاشمي (تغمه حسنِ ڪارڪردگي)  جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽  افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مرحوم جون فني خدمتون تاريخ ۾ هميشه زنده رهنديون. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر مملڪت چيو ته شجاعت هاشمي ريڊيو، ٽيليويزن، ٿيٽر ۽ فلمي صنعت ذريعي قومي ثقافتي ورثي کي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا …

اسلام آباد-13 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ناليواري اداڪار ۽ صداڪار شجاعت هاشمي (تغمه حسنِ ڪارڪردگي)  جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽  افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مرحوم جون فني خدمتون تاريخ ۾ هميشه زنده رهنديون. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر مملڪت چيو ته شجاعت هاشمي ريڊيو، ٽيليويزن، ٿيٽر ۽ فلمي صنعت ذريعي قومي ثقافتي ورثي کي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن شجاعت هاشمي کي ريڊيو پاڪستان ۽ پي ٽي وي جي سنهري دور جي نمايان فنڪارن ۾ شمار ڪندي انهن جي فني خدمتن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته ڊرامه سيريل وارث ۾ شجاعت هاشمي جي لازوال اداڪاري هميشه ياد رکي ويندي. صدر آصف علي زرداري مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ ڏکويل ڪٽنب لاءِ صبر جي دعا ڪئي.