وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون وڌڻ باوجود عوام سان ڪيل واعدي موجب پيٽروليم شين جون قيمتون نه وڌائڻ جو فيصلو

لاهور-13 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون وڌيڪ قيمتون وڌڻ باوجود عوام سان ڪيل واعدي موجب هن ڀيري پيٽروليم شين جون قيمتون نه وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته عام ماڻهو تي بار گهٽ ڪرڻ لاءِ قيمتن ۾ واڌ نه پئي ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته واعدي موجب جيترو ٿي سگهيو ان …

لاهور-13 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون وڌيڪ قيمتون وڌڻ باوجود عوام سان ڪيل واعدي موجب هن ڀيري پيٽروليم شين جون قيمتون نه وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته عام ماڻهو تي بار گهٽ ڪرڻ لاءِ قيمتن ۾ واڌ نه پئي ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته واعدي موجب جيترو ٿي سگهيو ان مشڪل حالتن ۾ عوام کي رليف پهچائينداسين. هن چيو ته خطي ۾ ڇڪتاڻ سبب عالمي معيشت هن وقت دٻاءُ ۾ آهي جنهن جا پاڪستان جي معيشت تي گهرا اثر پوڻ جو خدشو آهي، جڏهن ته وقت سر پاليسي سازي، حڪومت طرفان بچت جي قدمن ۽ مالي نظم ۽ ضبط جي ڪري ان صورتحال کي سهڻي نموني منهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. وزيراعظم چيو ته خادم پاڪستان طور هن مشڪل حالتن ۾ غريب ماڻهو تي بار گهٽ ڪرڻ لاءِ هن ملڪ جي اشرافيه ۽ حڪومت کان شروعات جو عزم ڪيو آهي. وفاقي حڪومت ۾ بچت قدمن سان گڏوگڏ صوبائي حڪومتون به انهن قدمن ۾ وفاقي حڪومت جو ڀرپور ساٿ ڏئي رهيون آهن جيڪو سٺو سنئوڻ آهي. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ جي فضل ڪرم سان سفارتي ۽ معاشي ٽيم جي ڪوششن عيوض ڪچي تيل جي ملڪي ضرورتن لاءِ مناسب مقدار ميسر آهي. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون گڏجي ڪنهن کي به حڪومت طرفان مقرر ڪيل قيمت کان وڌيڪ قيمت وصول ڪرڻ جي روڪٿام يقيني بڻائي رهيون آهن. هن دعا ڪئي ته عالمي سطح تي حالتون بهتر ٿين ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ استحڪام اچي.