پاڪ فوج جون افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج خلاف موثر ڪارروايون جاري

اسلام آباد-13 مارچ (اي پي پي)پاڪ فوج جون افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج خلاف موثر ڪارروايون جاري آهن. سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪ فوج جي وقت سر ڪارروائي افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج جي مداخلت جي هڪ ٻي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، پاڪ فوج طرفان اتر وزيرستان ويجهو صدق ڳوٺ ۾ دهشتگردن جي مداخلت جي ڪوشش کي ناڪام بڻايو ويو. سيڪيورٽي ذريعن موجب افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج کي بناجواز جارحيت …

اسلام آباد-13 مارچ (اي پي پي)پاڪ فوج جون افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج خلاف موثر ڪارروايون جاري آهن. سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪ فوج جي وقت سر ڪارروائي افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج جي مداخلت جي هڪ ٻي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، پاڪ فوج طرفان اتر وزيرستان ويجهو صدق ڳوٺ ۾ دهشتگردن جي مداخلت جي ڪوشش کي ناڪام بڻايو ويو. سيڪيورٽي ذريعن موجب افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج کي بناجواز جارحيت کانپوءِ هر محاذ تي ڀرپور ناڪامي کي منهن ڏيڻو پيو. آپريشن غضب للحق تحت ڪارروايون طئي ٿيل هدفن جي مڪمل حاصل ٿيڻ تائين جاري رهنديون.