وفاقي گهرو وزير پاران لڪي مروت ۾ پوليس جي گاڏي ويجهو ٿيل ڌماڪي جي مذمت

اسلام آباد-13 مارچ (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي لڪي مروت ۾ پوليس جي گاڏي ويجهو ٿيل ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. جاري ڪيل بيان ۾ گهرو وزير محسن نقوي ڌماڪي ۾ شهادت ماڻيندڙ ايس ايڇ او سميت پوليس جي 6 اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪندي شهيد اهلڪارن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. محسن نقوي چيو ته ڪي …

اسلام آباد-13 مارچ (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي لڪي مروت ۾ پوليس جي گاڏي ويجهو ٿيل ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. جاري ڪيل بيان ۾ گهرو وزير محسن نقوي ڌماڪي ۾ شهادت ماڻيندڙ ايس ايڇ او سميت پوليس جي 6 اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪندي شهيد اهلڪارن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. محسن نقوي چيو ته ڪي پي ڪي پوليس جي بهادر جوانن پنهنجون قيمتي حياتيون قوم جي پرامن مستقبل تان قربان ڪيون. ڪي پي ڪي پوليس جي آفيسرن ۽ جوانن دهشتگردي خلاف جنگ ۾ لازوال قربانيون ڏنيون آهن. شهيد اسان جو فخر آهن ۽ انهن جون قربانيون هميشه ياد رکيون وينديون.