سينيٽ چيئرمين پاران لڪي مروت ۾ پوليس وين ويجهو ٿيل ڌماڪي جي مذمت

اسلام آباد-13 مارچ (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني خيبرپختونخوا صوبي جي ضلعي لڪي مروت ۾ پوليس وين ويجهو ٿيل ڌماڪي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. هتي جاري بيان ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ ايس ايڇ او سميت ڪيترن ئي پوليس اهلڪارن جي شهادت تي سينيٽ چيئرمين گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي شهيدن جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. هن …

اسلام آباد-13 مارچ (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني خيبرپختونخوا صوبي جي ضلعي لڪي مروت ۾ پوليس وين ويجهو ٿيل ڌماڪي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. هتي جاري بيان ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ ايس ايڇ او سميت ڪيترن ئي پوليس اهلڪارن جي شهادت تي سينيٽ چيئرمين گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي شهيدن جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. هن شهيدن جي ملڪ ۽ قوم لاءِ خدمتن کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته وطن عزيز جي امن ۽ استحڪام لاءِ سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون قربانيون وسارڻ جوڳيون نه آهن. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته دهشتگردي جو ڪنهن به مذهب سان ڪو به تعلق ناهي ۽ دهشتگرد انسانيت جا گڏيل دشمن آهن جيڪي دنيا جي امن ۽ امان کي تباهه ڪرڻ چاهين ٿا. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس جي جوانن بي مثال قربانيون ڏنيون آهن جن تي پوري قوم کي فخر آهي. هن وڌيڪ چيو ته شهيد اسان جو قومي سرمايو ۽ فخر آهن، جن جي قربانين کي هميشه ياد رکيو ويندو. سينيٽ چيئرمين چيو ته ان مشڪل گهڙي ۾ پوري قوم شهيدن جي وارثن سان گڏ بيٺل آهي ۽ سندن ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي.