اسلام آباد-13 مارچ (اي پي پي)بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد لڪي مروت حملي ۾ ايس ايڇ او سميت پوليس اهلڪارن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هتي جاري بيان موجب سينيٽر روبينه خالد شهيدن جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته خيبرپختونخوا پوليس جون قربانيون امن قائم ڪرڻ لاءِ وسارڻ جوڳيون ناهن، دهشتگرد بزدلاڻين ڪاررواين سان قوم جا حوصلا …
سينيٽر روبينه خالد پاران لڪي مروت ۾ پوليس گاڏي تي ٿيل ڌماڪي جي شديد مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد-13 مارچ (اي پي پي)بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد لڪي مروت حملي ۾ ايس ايڇ او سميت پوليس اهلڪارن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هتي جاري بيان موجب سينيٽر روبينه خالد شهيدن جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته خيبرپختونخوا پوليس جون قربانيون امن قائم ڪرڻ لاءِ وسارڻ جوڳيون ناهن، دهشتگرد بزدلاڻين ڪاررواين سان قوم جا حوصلا ڪمزور نٿا ڪري سگهن. سينيٽر روبينه خالد چيو ته زخمي پوليس اهلڪار جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون. پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون رائيگان نه وينديون. سينيٽر روبينه خالد چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پوري قوم کي متحد ٿي جدوجهد ڪرڻي پوندي. سينيٽر روبينه خالد شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.











