رياض _ 13 مارچ (اي پي پي)سعودي عرب جي حرمين الشريفين جي معاملن بابت اداري مسجد الحرام ۾ سمارٽ گائيڊ انيشيئيٽو جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. زائرين جي رهنمائي لاءِ مختلف هنڌن تي 15 انٽراسيڪٽو نشان نصب ڪيا ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق انٽرا ايڪٽو سائن ۾ مسجد الحرام جو مڪمل نقشو ڏنو ويو آهي. ايندڙ ۽ ويندڙ رستن ۽ بيت الله جي طواف ڪرڻ لاءِ راهدارين کان علاوه سعي لاءِ ويندڙ رستن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. سمارٽ …
سعودي عرب ۾ مسجد الحرام ۾ زائرين جي رهنمائي لاءِ سمارٽ گائيڊ انيشيئيٽو جي شروعات
رياض _ 13 مارچ (اي پي پي)سعودي عرب جي حرمين الشريفين جي معاملن بابت اداري مسجد الحرام ۾ سمارٽ گائيڊ انيشيئيٽو جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. زائرين جي رهنمائي لاءِ مختلف هنڌن تي 15 انٽراسيڪٽو نشان نصب ڪيا ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق انٽرا ايڪٽو سائن ۾ مسجد الحرام جو مڪمل نقشو ڏنو ويو آهي. ايندڙ ۽ ويندڙ رستن ۽ بيت الله جي طواف ڪرڻ لاءِ راهدارين کان علاوه سعي لاءِ ويندڙ رستن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. سمارٽ بورڊز ذريعي نقشن تي مختلف رنگن سان ٽريڪس اجاگر ڪيا ويا آهن جڏهن ته ڪيو آر ڪوڊ ذريعي زائرين پنهنجي سمارٽ فون تي به مسجد الحرام جو تفصيلي نقشو اپ لوڊ ڪري سگهن ٿا.











