وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد جي ملاقات، خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق

جده-13 مارچ (اي پي پي)پاڪستان ۽ سعودي عرب خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل طور ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ولي عهد ۽ سعودي وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان عبدالعزيز آل سعود سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ …

جده-13 مارچ (اي پي پي)پاڪستان ۽ سعودي عرب خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل طور ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ولي عهد ۽ سعودي وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان عبدالعزيز آل سعود سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير به موجود هئا. وزيراعطم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مطابق ملاقات ۾ وزيراعظم خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان لاءِ سعودي عرب جي ڊگهي مدي واري حمايت کي ساراهيو ۽ ڏکين حالتن ۾ سعودي عرب سان پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي ۽ ڀرپور حمايت جو ورجاءِ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ خطي ۾ تازي اڳڀرائي تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ٿي ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل طور ڪم جاري رکيو ويندو. وزيراعظم ولي عهد کي يقين ڏياريو ته پاڪستان هميشه سعودي عرب سان مضبوطي سان بيٺل رهندو ۽ خطي ۾ امن جو گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش جاري رکندو.