صدر مملڪت آصف علي زرداري پاران لڪي مروت ۾ پوليس گاڏي تي ٿيل دهشتگرداڻي حملي جي شديد مذمت

اسلام آباد-13 مارچ(اي پي پي)صدر مملڪت آصف علي زرداري لڪي مروت ۾ پوليس جي گاڏي تي ٿيل دهشتگرداڻي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون قربانيون قوم لاءِ فخر جو سبب آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ مطابق صدر مملڪت چيو ته دهشتگردي جي ناسور جي مڪمل خاتمي لاءِ قومي عزم اڻٽٽ آهي. هن دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ايس ايڇ او …

اسلام آباد-13 مارچ(اي پي پي)صدر مملڪت آصف علي زرداري لڪي مروت ۾ پوليس جي گاڏي تي ٿيل دهشتگرداڻي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون قربانيون قوم لاءِ فخر جو سبب آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ مطابق صدر مملڪت چيو ته دهشتگردي جي ناسور جي مڪمل خاتمي لاءِ قومي عزم اڻٽٽ آهي. هن دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ايس ايڇ او ۽ پوليس جي ٻين بهادر جوانن جي درجن جي بلندي ۽ وارثن جي صبر لاءِ دعا ڪئي. صدر مملڪت زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ شهيدن جي وارثن سان همدردي جو پڻ اظهار ڪيو.