اسلام آباد - 13 مارچ (اي پي پي)وزيراعظم محمد شھباز شريف قومي اسيمبلي جي ميمبر اسفنيار ڀنڊارا کي اقليتن جي حقن بابت نيشنل ڪميشن جي چيئرپرسن جي مقرري لاءِ قائم پارلياماني ڪميٽي جو ميمبر نامزد ڪيو آھي. جاري نوٽيفڪيشن مطابق پاڪستان جو گھٽ انگ رکندڙ اقليتي برادرين جي پارلياماني نمائندي جي حيثيت سان، جن مان ڪيترا ئي ملڪ جي ڏورانھن علائقن ۾ آباد آھن، ان برادري ۾ شموليت وڏي اھميت …
وزيراعظم پاران ايم اين اي اسفنيار ڀنڊارا اقليتن جي حقن بابت نيشنل ڪميشن جي چيئرپرسن جي مقرري لاءِ قائم پارلياماني ڪميٽي جو ميمبر نامزد

مزید خبریں
اسلام آباد – 13 مارچ (اي پي پي)وزيراعظم محمد شھباز شريف قومي اسيمبلي جي ميمبر اسفنيار ڀنڊارا کي اقليتن جي حقن بابت نيشنل ڪميشن جي چيئرپرسن جي مقرري لاءِ قائم پارلياماني ڪميٽي جو ميمبر نامزد ڪيو آھي. جاري نوٽيفڪيشن مطابق پاڪستان جو گھٽ انگ رکندڙ اقليتي برادرين جي پارلياماني نمائندي جي حيثيت سان، جن مان ڪيترا ئي ملڪ جي ڏورانھن علائقن ۾ آباد آھن، ان برادري ۾ شموليت وڏي اھميت واري آھي. اھا ان اصول جي عڪاسي ڪري ٿي ته ڪا به برادري، جيتوڻڪ ان جو تعداد گھٽ ھجي يا اها ملڪ جي ڏورانھن حصن ۾ آباد ھجي، اقليتن جي حقن ۽ نمائندگي بابت فيصلن ۾ سندن آواز ضرور ٻڌڻ گھرجي. اھا نامزدگي وزيراعظم طرفان جامع ۽ شموليتي طرز حڪمراني جي عزم جي به عڪاسي ڪري ٿي ته پاڪستان جي جمھوري عمل ۾ سمورين برادرين کي مناسب حيثيت حاصل آھي.











