گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس، لبنان ۽ اسرائيل وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال جو جائزو ورتو ويو

گڏيل قومون-12 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ لبنان ۽ اسرائيل وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن ۾ چين جي مستقل نمائندي چيو ته هن وقت وچ اوڀر ۾ جنگ پکڙجي رهي آهي ۽ لبنان ۽ اسرائيل وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ اوچتو اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته جنگ جو جاري رهڻ …

گڏيل قومون-12 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ لبنان ۽ اسرائيل وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن ۾ چين جي مستقل نمائندي چيو ته هن وقت وچ اوڀر ۾ جنگ پکڙجي رهي آهي ۽ لبنان ۽ اسرائيل وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ اوچتو اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته جنگ جو جاري رهڻ ڪنهن به ڌر جي مفاد ۾ ناهي، عالمي برادري کي ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي بحالي لاءِ امن جون ڪوششون تيز ڪرڻ گهرجن. سندس چوڻ هو ته چين عام شهرين ۽ سفارتڪارن تي ٿيل ڪنهن به حملي جي مذمت ڪري ٿو. هن سمورين ڌرين تي زور ڀريو ته هو دشمني ختم ڪن، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آڻين ۽ عالمي قانونن خاص ڪري عالمي انساني حقن جي قانونن جي پاسداري ڪن. چين جي نمائندي چيو ته عالمي برادري کي لبنان لاءِ امداد ۾ اضافو ۽ لبنان حڪومت طرفان ملڪي صورتحال کي مستحڪم ڪرڻ ۽ عوام جي بنيادي ضرورتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي حمايت ڪرڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته چين گڏيل قومن جي عبوري فوج (يو اين آءِ ايف آءِ ايل) تي حملن جي شديد مذمت ڪري ٿو ۽ هو عالمي برادري سان گڏجي اسرائيل ۽ لبنان وچ ۾ صورتحال بهتر ڪرڻ ۽ لبنان ۽ وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام جي بحالي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو.