گڏيل قومون-12 مارچ (اي پي پي)پاڪستان عورتن ۽ ٻارڙين کي موثر انصاف جي فراهمي لاءِ مضبوط قانونسازي ۽ عالمي سهڪار جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي ته انصاف تائين فراهمي صنفي برابري حاصل ڪرڻ جو هڪ بنيادي ٿنڀ آهي. اها ڳالهه پاڪستاني نمائندي سينيٽر بشريٰ انجم بٽ گڏيل قومن ۾ عورتن جي حيثيت بابت ڪميشن جي اجلاس کي خطاب ڪندي چئي. ڪميشن جو 70 هون اجلاس 9 کان 19 …
پاڪستان پاران عورتن کي انصاف جي فراهمي لاءِ قانونسازي ۽ عالمي سهڪار وڌائڻ تي زور
گڏيل قومون-12 مارچ (اي پي پي)پاڪستان عورتن ۽ ٻارڙين کي موثر انصاف جي فراهمي لاءِ مضبوط قانونسازي ۽ عالمي سهڪار جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي ته انصاف تائين فراهمي صنفي برابري حاصل ڪرڻ جو هڪ بنيادي ٿنڀ آهي. اها ڳالهه پاڪستاني نمائندي سينيٽر بشريٰ انجم بٽ گڏيل قومن ۾ عورتن جي حيثيت بابت ڪميشن جي اجلاس کي خطاب ڪندي چئي. ڪميشن جو 70 هون اجلاس 9 کان 19 مارچ 2026ع تائين نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر ۾ جاري آهي. سينيٽر بشريٰ انجم بٽ چيو ته سڄي دنيا ۾ عورتن کي انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي نظامي رڪاوٽن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، جيڪو کين تحفظ، قانوني ڪارروائي ۽ جوابدهي جي عمل تائين پهچ کان محروم ڪري ٿو. هن موجب اڻبرابري جو سماجي رويو، معاشي اڻبرابري، اداره جاتي ڪمزوريون خاص طور تي ڪمزور ۽ پٺتي پيل طبقن سان تعلق رکندڙ عورتن کي وڌيڪ متاثر ڪن ٿيون. هن مڙني ملڪن جي پارليامينٽ تي زور ڀريو ته اهي قومي قانونن جو جائزو وٺي اهڙن سمورن امتيازي نڪتن کي ختم ڪن جيڪي عورتن جي حقن جي ابتڙ آهن. سينيٽر بشريٰ بٽ چيو ته پاڪستان پارليامينٽ عورتن جي تحفظ لاءِ قانون ۽ اداره جاتي قدمن کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن ٻڌايو ته ملڪ ۾ غيرت جي نالي تي قتل، عورتن خلاف روايتي ۽ امتيازي رسمن، ڪم واري هنڌ تي هراساني، زيادتي ۽ جنسي تشدد خلاف اهم قانون متعارف ڪرايا آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته قانونسازي سان گڏوگڏ موثر عملدرآمد لاءِ اداره جاتي قدم به اڻٽر آهن.











