گڏيل قومون-12 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن جي هنگامي امدادي معاملن جي سربراهه وچ اوڀر ۾ جاري جنگ جي روزانو هڪ ارب ڊالرن جي لاڳت جي مذمت ڪندي خبردار ڪيو آهي ته اهڙي وقت ۾ جڏهن انساني ضرورتون تيزي سان وڌي رهيون آهن، امدادي فنڊنگ خطرناڪ حد تائين گهٽ ٿيندي پئي وڃي، گڏيل قومن جي اعليٰ انساني امدادي عهديدار ٽام فليچر جنيوا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته خطي …
گڏيل قومون جي هنگامي امدادي معاملن جي سربراهه پاران وچ اوڀر ۾ جنگ جي هڪ ارب ڊالرن جي روزانو جي لاڳت جي مذمت
گڏيل قومون-12 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن جي هنگامي امدادي معاملن جي سربراهه وچ اوڀر ۾ جاري جنگ جي روزانو هڪ ارب ڊالرن جي لاڳت جي مذمت ڪندي خبردار ڪيو آهي ته اهڙي وقت ۾ جڏهن انساني ضرورتون تيزي سان وڌي رهيون آهن، امدادي فنڊنگ خطرناڪ حد تائين گهٽ ٿيندي پئي وڃي، گڏيل قومن جي اعليٰ انساني امدادي عهديدار ٽام فليچر جنيوا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته خطي ۾ جاري تشدد جا اثر سرحدن کان ٻاهر تائين پکڙجي رهيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ وڏي پئماني تي لڏپلاڻ ۽ معاشي جهٽڪا ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن فوري طور تي وڌيڪ امداد فراهم نه ڪئي وئي ته لکين ماڻهن جون زندگيون خطري ۾ پئجي سگهن ٿيون. هن ٻڌايو ته گذريل ڊسمبر ۾ گڏيل قومون دنيا جي 87 ملين انتهائي ضرورتمند ماڻهن جي مدد لاءِ 23 ارب ڊالرن جي اپيل ڪئي هئي، پر ان جي اٽڪل ٻه ڀاڱي ٽي حصو هن وقت تائين فراهم نه ٿي سگهيو. فليچر موجب ان منصوبي تي عملدرآمد لاءِ اڃان به 14 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جي رقم گهربل آهي. هن چيو ته هڪ طرف امدادي منصوبن لاءِ فنڊن جي شديد کوٽ آهي جڏهن ته ٻئي پاسي وچ اوڀر ۾ جاري جنگ تي روزانو اٽڪل هڪ ارب ڊالرز خرچ ٿي رهيا آهن، هن موجب جيڪڏهن صرف هڪ ارب ڊالر به امدادي سرگرمين لاءِ فراهم ڪيا وڃن ته لکين حياتيون بچي سگهن ٿيون. ٽام فليچر چيو ته سڄي دنيا ۾ وڌندڙ بحران سبب انساني امدادي نظام کي فوري طور تي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي ضرورت آهي، جيتوڻيڪ غزه ۽ سوڊان هن وقت امداد جي حوالي سان سڀ کان وڌيڪ ڌيان جا مستحق آهن. هن خبردار ڪيو ته خطي ۾ ڇڪتاڻ عالمي سطح تي خوراڪ، توانائي ۽ ڀاڻ جي قيمتن کي به متاثر ڪري رهيون آهن، ڇاڪاڻ ته اٽڪل 20 سيڪڙو تيل جي فراهمي ان رستي تي ٿيندي آهي.وڌيڪ ڇڪتاڻ جي صورت ۾ ٻيا سپلائي جا رستا به متاثر ٿي سگهن ٿا جنهن جا سڌيءَ ريت اثر آفريقا جي ضرورت مند علائقن تائين پهچندڙ امداد تي پوندا. هن چيو ته موجوده حالتون انساني امداد لاءِ هڪ سخت امتحان آهن. وسيلا محدود آهن ۽ خطرا وڌي رهيا آهن، جڏهن ته گڏيل قومن کي پنهنجي اصولن ۽ انساني خدمت جي مشن کان پوئتي نه هٽڻو پوندو.











