گڏيل قومون-11 مارچ (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن ۾ گڏيل قومن جي اسٽيٽس آف وومن بابت ڪميشن (سي ايس ڊبليو) جي اهم اجلاس ۾ صنفي برابري ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ پنهنجي مضبوط وابستگي جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ملڪ نه رڳو قانوني سڌارن تائين محدود رهڻ بدران اڻبرابري جي سلوڪ کي هڪ نظامي رڪاوٽ طور ختم ڪرڻ طرف اڳڀرائي ڪئي آهي. پاڪستاني وفد جي ميمبر سينيٽر …
صنفي برابري ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۾ رڪاوٽن جي خاتمي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون: پاڪستان
گڏيل قومون-11 مارچ (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن ۾ گڏيل قومن جي اسٽيٽس آف وومن بابت ڪميشن (سي ايس ڊبليو) جي اهم اجلاس ۾ صنفي برابري ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ پنهنجي مضبوط وابستگي جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ملڪ نه رڳو قانوني سڌارن تائين محدود رهڻ بدران اڻبرابري جي سلوڪ کي هڪ نظامي رڪاوٽ طور ختم ڪرڻ طرف اڳڀرائي ڪئي آهي. پاڪستاني وفد جي ميمبر سينيٽر بشريٰ انجم بٽ وزارتي گول ميز اجلاس کي خطاب ۾ چيو ته انصاف تائين پهچ صرف قانون جي موجود هجڻ سان ثابت نٿو ٿئي پر ان وقت ڏٺو ويندو آهي جڏهن اهو ڏٺو وڃي ته ڇا هر عورت انهن قانونن مان حقيقي طور تي فائدو کڻي سگهي ٿي يا نه. هن چيو ته وراثت ۾ اڻبرابري، چرچر ۾ رڪاوٽون، مالياتي نظام تائين محدود پهچ، ڪم وارين جاين تي هراساني، نقصان پهچائيندڙ روايتون ۽ اداره جاتي اڻبرابري جهڙا عمل انصاف جي رستي ۾ مشڪلاتون پيدا ڪري رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته مالياتي شموليت جون پاليسيون، ملازمتن ۾ عورتن جي ڪوٽا، ڪاروباري مدد ۽ سياست سميت مختلف شعبن ۾ عورتن جي وڌندڙ نمائندگي صنفي برابري کي هٿي ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿي رهي آهي. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته اڻبرابري جي سلوڪ جي خاتمي لاءِ ٽن سطحن تي تبديلي ضروري آهي، پهريون اهڙو قانون جيڪو تحفظ فراهم ڪري، ٻيو اهڙو ادارو جيڪو انصاف فراهم ڪري، ٽيون اهڙو معاشرو جيڪو عورتن کي بااختيار بڻائي. 9 کان 19 مارچ تائين جاري اجلاس ۾ هن سال جو مرڪزي موضوع سمورين عورتن ۽ نياڻين لاءِ انصاف تائين پهچ کي يقيني بڻائڻ ۽ قانوني نظام کي وڌيڪ جامع بڻائڻ آهي.











