دوحه-11 مارچ (اي پي پي) قطر جي پرڏيهي وزير محمد بن عبدالعزيز الخيلافي وچ اوڀر جي جنگ ۾ گهٽتائي آڻڻ تي زور ڀريندي ايران ۽ آمريڪا کي چيو آهي ته سندس ٽياڪڙي ذريعي هو تڪرار جي حل لاءِ ڳالهين جي ميز تي واپس اچن . پرڏيهي ميڊيا کي خصوصي انٽرويو ۾ هن چيو ته ايران جا پاڙيسري ملڪن تي حملا ڪنهن لاءِ به فائيديمند نه آهن. قطر جي پرڏيهي وزير …
ايران ۽ آمريڪا تڪرار جي حل لاءِ ڳالهين جي ميز تي واپس اچن: قطر
دوحه-11 مارچ (اي پي پي) قطر جي پرڏيهي وزير محمد بن عبدالعزيز الخيلافي وچ اوڀر جي جنگ ۾ گهٽتائي آڻڻ تي زور ڀريندي ايران ۽ آمريڪا کي چيو آهي ته سندس ٽياڪڙي ذريعي هو تڪرار جي حل لاءِ ڳالهين جي ميز تي واپس اچن . پرڏيهي ميڊيا کي خصوصي انٽرويو ۾ هن چيو ته ايران جا پاڙيسري ملڪن تي حملا ڪنهن لاءِ به فائيديمند نه آهن. قطر جي پرڏيهي وزير چيو ته سندس ملڪ بنيادي ڍانچي سميت وڏي پيماني تي حملن سبب فڪر مند آهي. هن چيو ته ڳالهين جي ميز تي واپس اچڻ کانسواءِ پائيدار ۽ جٽادار امن جي حل جو ڪو ٻيو رستو ناهي، اسان پنهنجي خودمختياري کي سڌيءَ ريت متاثر ڪندڙ حملن جي مذمت ڪيون ٿا، ان جارحيت خلاف پنهنجي دفاع لاءِ هر ممڪن ۽ قانوني قدم کڻندا رهنداسين. قطر جي پرڏيهي وزير چيو ته اسرائيل، آمريڪا ۽ ايران جي جنگ عالمي حل جي گهرجائو آهي ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ته نار جي ملڪن کي توانائي جي آبنائي هرمز مان لنگهه جي فراهمي جاري رهي جتي جنگ سبب تيل جي عالمي فراهمي شديد متاثر ٿي آهي. هن چيو ته قطر ۽ عمان اڳ به علائقائي ٽياڪڙ طور ايران ۽ اولهه وچ ۾ پل جي ڪردار جي ڪوشش ڪري چڪا آهن پر موجوده صورتحال ۾ حملا جاري آهن ڪو به ملڪ اهو ڪردار ادا نٿو ڪري سگهي ۽ ايران جي حڪومت کي اها ڳالهه سمجهڻ جي ضرورت آهي. سندس چوڻ هيو ته قطر جي وزيراعظم محمد بن عبدالرحمان الثالثي ڪيترائي ڏينهن اڳ ايران جي حڪومت سان فون تي ڳالهين دوران ان صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ۽ ان تي زور ڀريو ته هو پاڙيسري ملڪن تي حملا بند ڪري. پرڏيهي وزير چيو ته علائقائي ملڪ ايران جا دشمن ناهن جيڪو ايران جا اڳواڻ اها ڳالهه نٿا سمجهن. هن چيو ته قطر آمريڪا سان به رابطي ۾ آهي. هن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي جنگ بندي جي اپيل ڪئي آهي. سندس چوڻ هيو ته اسان امن جا حامي ۽ پر امن ذريعن سان تڪرار کي حل ڪرڻ ڪيون ٿا. هن چيو ته اسان اميد ڪيون ٿا ته ڌريون ان رستي کي ڳولي فوجي آپريشن ختم ڪن ۽ ڳالهين جي ميز تي واپس اچن.











