دبئي ۾ پاڪستاني قونصل جنرل پاران اسپتال جو دورو، پاڪستاني شهرين جي عيادت

دبئي-09 مارچ(اي پي پي) دبئي ۾ پاڪستان جي قونصل جنرل حسين محمد ڪميونٽي ويلفيئر اتاشين عمران شاهد ۽ جنيد مرتضيٰ سان گڏ راشد اسپتال جو دورو ڪيو ۽ دبئي ۾ ڪريل ملبي سبب زخمي پاڪستاني شهرين جي خيريت معلوم ڪئي. راشد اسپتال جي ميڊيڪل ڊائريڪٽر ڊاڪٽر منصور يوسف ان موقعي تي وفد جي آجيان ڪئي ۽ زخمي ماڻهن جي طبي حالت ۽ انهن کي فراهم ٿيندڙ علاج بابت تفصيلي بريفنگ …

دبئي-09 مارچ(اي پي پي) دبئي ۾ پاڪستان جي قونصل جنرل حسين محمد ڪميونٽي ويلفيئر اتاشين عمران شاهد ۽ جنيد مرتضيٰ سان گڏ راشد اسپتال جو دورو ڪيو ۽ دبئي ۾ ڪريل ملبي سبب زخمي پاڪستاني شهرين جي خيريت معلوم ڪئي. راشد اسپتال جي ميڊيڪل ڊائريڪٽر ڊاڪٽر منصور يوسف ان موقعي تي وفد جي آجيان ڪئي ۽ زخمي ماڻهن جي طبي حالت ۽ انهن کي فراهم ٿيندڙ علاج بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. دوري دوران قونصل جنرل علاج هيٺ پاڪستاني شهرين سان ملاقات ڪئي ۽ سندن جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جوا ظهار ڪيو. قونصل جنرل زخمي پاڪستانين کي ڏکئي وقت ۾ قونصليٽ پاران هر ممڪن مدد ۽ تعاون جي خاطري ڪرائي.