ڪراچي-24 فيبروري (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي آھي ته ترقياتي منصوبن تي ڪم جي رفتار تيز ڪئي وڃي ۽ ٽرئفڪ جي رواني ۾ رڪاوٽ بڻجندڙ مسئلا فوري طور ختم ڪيا وڃن. اهڙيون هدايتون هن اڱاري جي شام نيپا چورنگي جو دورو ڪرڻ ۽ ڪي فور آگمينٽيشن منصوبي ۽ ڪراچي بس ريپڊ ٽرانزٽ ريڊ لائن منصوبي جي اڳڀرائي جو جائزو …
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو ڪراچي ۾ جاري مختلف ترقياتي منصوبن جو دورو

مزید خبریں
ڪراچي-24 فيبروري (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي آھي ته ترقياتي منصوبن تي ڪم جي رفتار تيز ڪئي وڃي ۽ ٽرئفڪ جي رواني ۾ رڪاوٽ بڻجندڙ مسئلا فوري طور ختم ڪيا وڃن. اهڙيون هدايتون هن اڱاري جي شام نيپا چورنگي جو دورو ڪرڻ ۽ ڪي فور آگمينٽيشن منصوبي ۽ ڪراچي بس ريپڊ ٽرانزٽ ريڊ لائن منصوبي جي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ دوران جاري ڪيون. دوري دوران وڏي وزير ڪي فور آگمينٽيشن اسڪيم تي ڪم جي رفتار تي اطمينان جو اظهار نه ڪندي لاڳاپيل ادارن کي تعميراتي سرگرميون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته 2.7 ڪلوميٽر تي ٻڌل هي منصوبو شهر کي پاڻي جي فراهمي بهتر بڻائڻ لاءِ انتهائي اهم آهي. مراد علي شاهه انتظاميا ۽ پوليس کي هدايت ڪئي ته واٽر بورڊ سان سهڪار ڪندي منصوبي کي وقت سر مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائي وڃي ۽ دير جو سبب بڻجندڙ رڪاوٽون ختم ڪيون وڃن. وڏي وزير ترقياتي ڪمن سبب پيدا ٿيل ٽرئفڪ مسئلن ۽ ٻين شهري پريشانين جي فوري حل جا حڪم پڻ جاري ڪيا. هن علائقي ۾ صفائي جي صورتحال، پاڻي جي نيڪال جي انتظامن ۽ ٽرئفڪ مينيجمينٽ جو به جائزو ورتو ۽ مڪاني کاتي کي شهر ۾ باقاعده صفائي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بي آر ٽي ريڊ لائين منصوبي جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ مختلف هنڌن تي جاري تعميراتي ڪم جو معائنو ڪيو. کين آگاهي ڏني وئي ته سنڌ ڪابينا پاران ٺيڪيدارن جي اهم دعوائن جي ادائيگي لاءِ 4.8 ارب رپين جي عبوري رقم جي منظوري بعد ڪم جي رفتار ۾ نمايان بهتري آئي آهي. وڏي وزير ٺيڪيدارن کي هدايت ڪئي ته مئي 2026ع تائين گڏيل ٽرئفڪ لينز جي تڪميل يقيني بڻائي وڃي. وڏي وزير ٽينڪ چوڪ کان صفورا تائين گڏيل ٽريفڪ لين تي ڪم وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ ڪنگ ڪاٽيج فلائي اوور ۽ ھائڊرنٽ انڊرپاس تي اڳڀرائي جو به جائزو ورتو. عملدارن بريفنگ ۾ ٻڌايو ته موسميات فلائي اوور ۽ ڪراچي يونيورسٽي ايلويٽڊ يوٽرن تي ڪم تيزي سان جاري آهي. وڏي وزير حسن اسڪوائر کان جيل چورنگي تائين گڏيل ٽرئفڪ لين کي جلد مڪمل ڪرڻ جي به هدايت جاري ڪئي. وڏي وزير ملير ھالٽ ڊپو جي تعمير جو جائزو ورتو جنهن جي شروعات 15 جنوري 2026ع تي ٿي ۽ جنهن کي مڪمل ڪرڻ جو حدف جنوري 2027ع مقرر ڪيو ويو آهي. کين ٻڌايو ويو ته ڪابينا ملير هالٽ ڊپو تائين پهچ واري روڊ لاءِ فنڊنگ جي منظوري ڏئي چڪي آهي. هن اڳوڻي علاءُ الدين پارڪ جي 18 ايڪڙ زمين جو به معائنو ڪيو جيڪا ڊپو جي تعمير لاءِ ليز تي ڏني وئي آهي ۽ جتي ترقياتي سرگرميون باضابطه طور شروع ٿي چڪيون آهن، ٻنهي ڊپوز تي تعميراتي ڪم جاري آهي. وڏي وزير سڀني لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته وقت سر تڪميل سان گڏ معيار کي به يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته ريڊ لائين منصوبو ڪراچي جي ٽرانسپورٽ نظام ۾ انقلابي تبديلي آڻيندو ۽ عوام کي پيش ايندڙ مسئلن ۾ گهٽتائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وڏي وزير سان گڏ مڪاني حڪومت وارو وزير سيد ناصر حسين شاهه، وزير آبپاشي ڄام خان شورو، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، چيئرمين رٿابندي ۽ ترقيات نجم شاهه ۽ ٻيا عملدار پڻ موجود هئا.











