ڄامشورو-16 فيبروري (اي پي پي) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ نيشنل آئوٽ ريچ پروگرام فار فيڪلٽي ۽ نيشنل آئوٽ ريچ پروگرام فار مينيجمينٽ جي گڏيل پڄاڻي واري تقريب وائيس چانسلر سيڪريٽريٽ جي سينيٽ هال ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ ٻنهي پروگرامن جي ڪاميابيءَ سان پڄاڻي ٿي. هائر ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد جي نيشنل اڪيڊمي آف هائير ايجوڪيشن جي مينيجنگ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر نور آمنه ملڪ تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر نور آمنه ملڪ سنڌ يونيورسٽي پاران ٻنهي پروگرامن کي ڪامياب نموني …
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ هيڪ جي سهڪار سان منعقد ٿيل آئوٽ ريچ پروگرام پڄاڻيءَ تي پهتو

مزید خبریں
ڄامشورو-16 فيبروري (اي پي پي) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ نيشنل آئوٽ ريچ پروگرام فار فيڪلٽي ۽ نيشنل آئوٽ ريچ پروگرام فار مينيجمينٽ جي گڏيل پڄاڻي واري تقريب وائيس چانسلر سيڪريٽريٽ جي سينيٽ هال ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ ٻنهي پروگرامن جي ڪاميابيءَ سان پڄاڻي ٿي. هائر ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد جي نيشنل اڪيڊمي آف هائير ايجوڪيشن جي مينيجنگ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر نور آمنه ملڪ تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر نور آمنه ملڪ سنڌ يونيورسٽي پاران ٻنهي پروگرامن کي ڪامياب نموني منعقد ڪرڻ تي واکاڻ ڪئي ۽ وائيس چانسلر جي قياد تي صلاحيتن کي ساراهيو. هن شرڪت ڪندڙ آفيسرن ۽ ٽيچرز تي زور ڀريو ته هو يونيورسٽي جي وسيع ويزن سان هم آهنگ ٿين ۽ پنهنجن شعبن ۾ پيشيوراڻي برتري جا سفير بڻجن. هن مهارتن جي حاصلات جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته اهڙن قدمن جي حقيقي ڪاميابي تڏهن ممڪن آهي، جڏهن ٽريننگ ذريعي حاصل ڪيل ڄاڻ کي ساٿين تائين منتقل ڪيو وڃي ۽ آفيسن جي ڪم ڪار ۾ بهتري آندي وڃي. وائيس چانسلر اعلان ڪيو ته مادر علمي جي آفيسرن ۽ ٽيچرن کي مستقبل ۾ پڻ بهترين تربيت جا موقعا فراهم ڪيا ويندا ۽ نيشنل اڪيڊمي آف هائر ايجوڪيشن ايندڙ مرحلي ۾ شعبي جي سربراهن لاءِ خاص تربيتي پروگرام شروع ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي. هن واضح ڪيو ته تدريسي ۽ انتظامي عملو پاڻ کي الڳ الڳ نه سمجهن پر اهي هڪ ئي اداري جي ڍانچي جا اهم حصا آهن. ڊاڪٽر نور آمنه وڌيڪ چيو ته اسان هڪ ٽيم آهيون، جيڪي هڪ گڏيل مقصد لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. هن شرڪت ڪندڙن کي صلاح ڏني ته هو مهذب ۽ ڳالهه ٻولهه جو بهترين انداز اختيار ڪن. هن چيو ته آفيسرن ۽ استادن جي ڳالهه ٻولهه نرم لهجي ۾ هجڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته باعزت گفتگو اعتماد پيدا ڪري ٿي ۽ اداري جي ثقافت کي مضبوط بڻائي ٿي. هن اهو پڻ چيو ته پيشيوراڻي مهارت صرف قابليت سان نه پر روين ۽ تسلسل سان به ظاهر ٿيندي آهي. ذاتي ۽ پيشيوراڻي ترقي بابت ڳالهائيندي هن چيو ته واڌ ويجهه لاءِ مسلسل خود احتسابي ۽ سکڻ جي خواهش ضروري آهي. هن چيو ته اڄ جي چٽاڀيٽي واري عالمي ماحول ۾ صرف هڪ يا ٻه مهارتون ڪافي ناهن. هن چيو ته ڏيهه ۽ پرڏيهه ۾ سٺيون نوڪريون حاصل ڪرڻ لاءِ نوجوانن کي گهڻ رخي صلاحيتن سان پاڻ کي ليس ڪرڻو پوندو. پنهنجي خطاب ۾ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري چيو ته اهڙا پروگرام شريڪ آفيسرن ۽ استادن لاءِ پنهنجي صلاحيتن کي نکارڻ ۽ انهن کي استعمال ۾ آڻڻ جو بي مثال موقعو آهن. هن مثبت سوچ برقرار رکڻ ۽ سڄي عمر سکندو رهڻ جي عادت پيدا ڪرڻ تي زور ڏنو. ڊاڪٽر مري چيو ته ادارا تڏهن ترقي ڪندا آهن جڏهن ماڻهن کي بااختيار بڻايو وڃي ۽ کين ذميواري سان نوازيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته پيشيوراڻي تربيت کي رسمي ڪارروائي نه پر اداري جي تبديليءَ جو ذريعو سمجهڻ گهرجي. هن نواڻ، سهڪار ۽ احتساب کي يونيورسٽي کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ بنيادي ٿنڀ قرار ڏنو. ان موقعي تي شهيد الله بخش سومرو يونيورسٽي آف آرٽ، ڊزائن اينڊ هيريٽيج جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو پڻ خطاب ڪيو. ان موقعي تي سکيا حاصل ڪندڙ نديم ٻٽ، فوزيه جوڻيجو ۽ ٻين چيو ته اها تربيت فڪري ۽ تبديلي آڻيندڙ سفر ثابت ٿي. هنن چيو ته پروگرام ڪيترين ئي غلط فهمين کي دور ڪرڻ، شعبن ۾ هم آهنگي وڌائڻ ۽ اداري سان وابستگيءَ جي احساس کي مضبوط ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيو. تقريب جي پڄاڻي تي تربيت حاصل ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا. تقريب ۾ ڊينز، ڊائريڪٽرز، رجسٽرار، نيشنل اڪيڊمي آف هائير ايجوڪيشن جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ وڏي انگ ۾ تدريسي ۽ انتظامي آفيسرن شرڪت ڪئي.











