اسلام آباد-11 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي، ڊيره اسماعيل خان ۾ پوليس تي فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته خيبر پختونخوا پوليس جي بهادر سپوتن فرض جي راهه ۾ شهادت جو بلند رتبو ماڻيو. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير محسن نقوي، شهادت ماڻيندڙ 4 پوليس اهلڪارن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو ۽ شهيد پوليس اهلڪارن جي …
خيبر پختونخوا پوليس جي بهادر سپوتن فرض جي راهه ۾ شهادت جو بلند رتبو ماڻيو: گهرو وزير محسن نقوي

مزید خبریں
اسلام آباد-11 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي، ڊيره اسماعيل خان ۾ پوليس تي فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته خيبر پختونخوا پوليس جي بهادر سپوتن فرض جي راهه ۾ شهادت جو بلند رتبو ماڻيو. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير محسن نقوي، شهادت ماڻيندڙ 4 پوليس اهلڪارن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو ۽ شهيد پوليس اهلڪارن جي گهرڀاتين سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. گهرو وزير چيو ته پوليس اهلڪارن جي قرباني رائيگان نه ويندي. خيبر پختونخوا ۾ امن جي قيام لاءِ پوليس جي قربانين کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا. محسن نقوي، زخمي ڊي ايس پي جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.











