ڪنهن به شعبي ۾ تربيتي پروگرام پيشيوراڻي صلاحيتن کي نکارڻ جو اهم ذريعو هوندا آهن: احسن اقبال

اسلام آباد-11 جنوري (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته ڪنهن به شعبي ۾ تربيتي پروگرام پيشيوراڻي صلاحيتن کي نکارڻ جو اهم ذريعو هوندا آهن، مؤثر ليڊرشپ تربيت، ويزن ۽ مسلسل سکڻ جي عمل سان پروان چڙهي ٿي، اسان جو معاشرو اڄ به باصلاحيت ۽ اثرائتي ليڊرسپ جي کوٽ جو شڪار آهي، جنهن جو بنيادي ڪارڻ تعليم جي نظام ۾ جامع …

اسلام آباد-11 جنوري (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته ڪنهن به شعبي ۾ تربيتي پروگرام پيشيوراڻي صلاحيتن کي نکارڻ جو اهم ذريعو هوندا آهن، مؤثر ليڊرشپ تربيت، ويزن ۽ مسلسل سکڻ جي عمل سان پروان چڙهي ٿي، اسان جو معاشرو اڄ به باصلاحيت ۽ اثرائتي ليڊرسپ جي کوٽ جو شڪار آهي، جنهن جو بنيادي ڪارڻ تعليم جي نظام ۾ جامع ۽ اثرائتي پاليسي سازيءَ جو فقدان آهي. هو ٽن ڏينهن واري پائيڊ ليڊرشپ ايڪسيلينس ورڪشاپ جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. احسن اقبال چيو ته ڪامياب ليڊرشپ جي سڃاڻپ، مقصد ۽ مشن سان وابستگي سان ٿئي ٿي. انهن موجب ڪامياب ليڊر جي صلاحيتن ۾ صرف 10 سيڪڙو فني مهارت جڏهن ته 90 سيڪڙو عوامي ۽ سافٽ اسڪلز شامل هونديون آهن. وفاقي وزير چيو ته 1835ع ۾ متعارف ڪرايل نو آبادياتي نظام تعليمي ذهني غلامي پيدا ڪرڻ لاءِ جوڙيو ويو هو ۽ بدقسمتيءَ سان اسان ان نظام کي تبديل ڪرڻ بدران ان کي جيئن جو تيئن رکيو. هن چيو ته هڪ حقيقي ليڊر جمود جو حصو نٿو بڻجي پر معاشري ۾ هاڪاري تبديلي جو علمبردار هوندو آهي ۽ نظام ۾ بهتري آڻڻ ان جي بنيادي ذميداري هوندي آهي. سندس چوڻ هو ته مؤثر ليڊر اهو ئي آهي جيڪو پنهنجي اداري کي پرڏيهي تبديلين ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ رکي، اڄ جي دنيا ۾ اها ئي قوم ۽ ادارو ڪامياب آهي جيڪو ٽيلنٽ کي تلاش ڪري ان کي اثرائتي انداز ۾ ڪتب آڻڻ جي صلاحيت رکندو هجي. هن زور ڀريو ته ادارن جي روايتي ۽ ناڪارا طريقن مان نڪري جدت ۽ مختلف قسمن جون راهون اختيار ڪرڻيون پونديون. هن چيو ته ليڊرشپ جو بنيادي ڪردار ماڻهن کي گڏ ڪري هاڪاري سوچ ۽ اجتماعي قوت کي هٿي وٺرائڻ آهي، جڏهن ته ڪامياب ليڊر واضح ترجيحن سان پنهنجي مقصد تي مڪمل ڌيان ڌري ٿو. احسن اقبال اميد ظاهر ڪئي ته 3 ڏينهن واري ليڊرشپ ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن جي اداره جاتي ۽ پيشيوراڻي ڪردار ۾ هاڪاري تبديليءَ جو سبب بڻجندي. هن خواهش ظاهر ڪئي ته پائيڊ پنهنجي تحقيق ۽ پاليسي سازي ذريعي معاشرتي تبديليءَ جو هڪ بهترين ادارو بڻجي. ان موقعي تي پائيڊ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر نديم جاويد چيو ته 3 ڏينهن واري ورڪشاپ ۾ شرڪت هڪ اهم ۽ بامعنيٰ موقعو هو ۽ مستقبل ۾ به ان نوعيت جي فائديمند ۽ معياري ورڪشاپ جو بندوبست جاري رکيو وڃي. هن چيو ته پائيڊ کي پاليسي سازن لاءِ هڪ اثرائتو ۽ باوقار ادارو بڻايو ويندو جيڪو ٺوس ۽ عمل جوڳيون تجويزون فراهم ڪندو.