اسلام آباد-11 جنوري (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ ڪمبوڊيا جي واپار واري وزير چام نيمول جي صدارت هيٺ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفي واپار، سيڙپڪاري ۽ صنعتي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ وفدن جي سطح جو اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو. اجلاس کي خطاب ڪندي ڄام ڪمال چيو ته هي دؤرو پاڪستان ۽ ڪمبوڊيا جي اقتصادي ناتن کي ٻه طرفي ۽ …
پاڪستان ۽ ڪمبوڊيا وچ ۾ ٻه طرفي واپار، سيڙپڪاري ۽ صنعتي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ وفدن جي سطح تي اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد-11 جنوري (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ ڪمبوڊيا جي واپار واري وزير چام نيمول جي صدارت هيٺ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفي واپار، سيڙپڪاري ۽ صنعتي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ وفدن جي سطح جو اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو. اجلاس کي خطاب ڪندي ڄام ڪمال چيو ته هي دؤرو پاڪستان ۽ ڪمبوڊيا جي اقتصادي ناتن کي ٻه طرفي ۽ وسيع آسيان فريم ورڪ اندر داخل ٿيڻ لاءِ نهايت اهميت رکندڙ آهي. وفاقي وزير چيو ته ڪمبوڊيا جن شين کي پرڏيهه مان گُهرائي ٿو پاڪستان اهڙيون سموريون شيون، خام مال جي وسيع رينج جي فراهمي جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو. ڄام ڪمال خان چيو ته پاڪستان ڪيترن ئي ناليوارن عالمي برانڊز کي اعليٰ معيار جو ڪپڙو، خام مال ۽ سپلاءِ چين کي جدت وارو بنائڻ ۽ لچڪ کي وڌائڻ ۾ مدد ڪري رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان گهريلو ٽيڪسٽائل جو ٽيون سڀ کان وڏو عالمي سپلائر آهي، جيڪو ڪمبوڊيا لاءِ پاڪستان مان سورسنگ کي وڌائڻ جو واضح موقعو فراهم ڪري ٿو. ٻنهي ڌُرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ٽيڪسٽائل ويليو چين ۾ ويجهي شرڪت جنهن ۾ ڌاڳي، ڪپڙي، پروسيسنگ، سلائي ۽ ويليو ايڊيشن شامل آهن، علائقائي ۽ عالمي مارڪيٽن ۾ چٽاڀيٽي کي وڌائي سگهن ٿيون. ڄام ڪمال چيو ته ٽيڪسٽائل جو شعبو عالمي مارڪيٽ ۾ اٽڪل 300 ارب آمريڪي ڊالرن جو حصو رکي ٿو، ان کان علاوه دواسازي جو شعبو به عالمي مارڪيٽ ۾ هڪ وڏو حصو رکي ٿو. ڄام ڪمال خان ڪمبوڊيا کي دواسازي جي روانگي واپار کي وڌائڻ ۾ پاڪستان جي دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو ۽ ڪمبوڊين عملدارن ۽ پاڪستاني فارماسيوٽيڪل ڪمپنين وچ ۾ ويجهڙ ۾ ٿيل ڳالهين جي آجيان ڪئي. اجلاس ۾ خاص اقتصادي زونز ۽ ايڪسپورٽ پروسيسنگ زونز ذريعي سهڪار جي موقعن جو به جائزو ورتو ويو، وزيراعظم جي رهنمائيءَ ۾ سهولتڪاري جي طريقيڪار کي مضبوط بنائڻ لاءِ کنيل قدمن سان ڪمبوڊين عملدارن کي آگاهه ڪيو. ڄام ڪمال خان وچ ايشيا، وچ اڀر، آفريقي ۽ نار مارڪيٽن کي جوڙيندڙ واپاري ۽ رابطي جي راهداريءَ طور تي پاڪستان جي جٽادار جاگرافيائي بيهڪ تي روشني وڌي جنهن ۾ ڪمبوڊيا جي سيڙپڪارن لاءِ لاجسٽڪ هب، گودام ۽ ٻيهر روانگي واپار جي سهولتن جا امڪان شامل آهن. ٻنهي ڌُرين ڪمبوڊيا جي وفد ۽ پاڪستان جي ٽيڪسٽائل انڊسٽريءَ وچ ۾ طئي ٿيل ڳالهين جي آجيان ڪندي صنعت کان صنعت جي شموليت جي اهميت تي زور ڀريو. هن سالياني واپاري ميلي ۽ نمائشي ڪلينڊرز جي اڳواٽ ڀائيواريءَ تي به اتفاق ڪيو ته جيئن ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري ادارن طرفان بهتر تياري ۽ شرڪت کي ممڪن بڻائي سگهجي. وفاقي وزير زراعت، فوڊ پروسيسنگ، آءِ سي ٽي، تعليم، صحت جي سارسنڀال، سياحت ۽ ثقافتي صنعتن ۾ پاڪستان جي صلاحيت تي روشني وڌي. ڪمبوڊيا جي وزير پاڪستان طرفان مهمان نوازيءَ جي تعريف ڪئي ۽ مضبوط صنعتي ۽ سپلاءِ چين سهڪار جي تجويزن جي آجيان ڪئي. ان ملڪ لاءِ مخصوص خاص اقتصادي زونز، هلال سرٽيفڪيشن سهڪار، لاجسٽڪ هب، ٽيڪسٽائل ۽ فارماسيوٽيڪلز ۾ گڏيل منصوبن ۾ دلچسپيءَ جو اظهار ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته مستقبل ۾ سهڪار، متوازن ۽ گڏيل طور تي فائديمند هجڻ گهرجي. ڌُرين ٻه طرفي اقتصادي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ لاءِ بنيادي اداره جاتي طريقيڪار طور تي پاڪستان ڪمبوڊيا جوائنٽ ٽريڊ ڪميٽي جي ڪردار تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ترجيحي ڪارروائي جي شعبن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ ايندڙ جي ٽي سي اجلاس ۾ وڌيڪ ڳالهين تي اتفاق ڪيو. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي ٻنهي وزيرن رابطن کي مضبوط بنائڻ، واپاري سفارتڪاريءَ کي وڌائڻ، پائيدار ۽ جامع انداز ۾ ٻه طرفي واپار ۽ سيڙپڪاريءَ کي وسعت ڏيڻ لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو.











