قومي اسيمبلي پاران دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج سان يڪجهتي جو اظهار، شهيدن کي خراجِ عقيدت جي قرارداد منظور

اسلام آباد-11 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي قربانين کي خراجِ تحسين ۽ عقيدت پيش ڪرڻ جي رٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي. قومي اسيمبليءَ ۾ دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف ان حوالي سان رٿ پيش ڪرڻ جي اجازت گهري، اجازت ملڻ تي هن، رٿ پيش ڪئي، جنهن جي ايوان منظوري ڏئي ڇڏي. رٿ جي …

اسلام آباد-11 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي قربانين کي خراجِ تحسين ۽ عقيدت پيش ڪرڻ جي رٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي. قومي اسيمبليءَ ۾ دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف ان حوالي سان رٿ پيش ڪرڻ جي اجازت گهري، اجازت ملڻ تي هن، رٿ پيش ڪئي، جنهن جي ايوان منظوري ڏئي ڇڏي. رٿ جي متن ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي بي مثال قربانين ۽ سمورن شهيد کي زبردست خراجِ عقيدت ۽ تحسين پيش ڪري ٿو. هي ايوان ان عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو ته شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون ۽ قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي. هي ايوان پاڪ فوج جي پيشيواراڻي صلاحيتن، بهادري ۽ قربانين کي ساراهيندي ملڪ جي سلامتي، خوشحالي ۽ استحڪام لاءِ ڪوششن کي ساراهي ٿو.