اسلام آباد-11 جنوري (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد حسين مگسي سان ترڪيه جي صنعت ۽ ٽيڪنالاجي واري نائب وزير محمد ڪاظم گونولو جي قيادت ۾ هڪ اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ جاري سهڪار ۽ مستقبل جي گڏيل قدمن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي …
وفاقي وزير خالد حسين مگسي سان ترڪيه جي اعليٰ سطحي وفد جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-11 جنوري (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد حسين مگسي سان ترڪيه جي صنعت ۽ ٽيڪنالاجي واري نائب وزير محمد ڪاظم گونولو جي قيادت ۾ هڪ اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ جاري سهڪار ۽ مستقبل جي گڏيل قدمن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي سيڪرٽري ڊاڪٽر شاهد بلوچ به موجود هو. وفاقي وزير خالد حسين مگسي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ سائنسي ۽ فني سهڪار کي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن مطابق مسلسل هٿي ملي رهي آهي. هن چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ ڀائيواري تحقيق، جدت ۽ صنعتي ترقي جا نوان موقعا پيدا ڪري رهي آهي. وفاقي سيڪرٽري ڊاڪٽر شاهد بلوچ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ هن وقت تائين 33 اعليٰ معيار جي گڏيل منصوبن کي فنڊ فراهم ڪيو ويو آهي، جيڪو قومي معيار (اسٽينڊر ڊائزيشن) ۽ پيمائش (ميٽرولوجي) جي ڍانچي کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اهي منصوبا نه صرف پاڪستان جي تحقيقي صلاحيت ۾ اضافو ڪري رهيا آهن پر عالمي حصيداري کي به مستحڪم بڻائي رهيا آهيون. وفاقي وزير چيو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي مربوط ۽ موثر قدمن پاڪستان کي عالمي سطح تي هڪ اعتماد جوڳي ڀائيوار طور متعارف ڪرايو آهي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ سائنسي سهڪار کي وڌيڪ وسعت ڏني ويندي ته جئين علم جي منتقلي، مهارتن جي مٽا سٽا ۽ جديد تحقيق کي هٿي ڏئي سگهجي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت مطابق گڏيل منصوبا تحقيقاتي صلاحيت ۾ اضافي ۽ جديد ٽيڪنالاجي تائين پهچ کي ممڪن بڻائي رهيا آهن، جنهن سان صنعتي ۽ معاشي ترقي ۾ مدد ملي رهي آهي. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ويو ته سهڪار جي عمل کي تيز ڪندي گڏيل قدم شروع ڪيا ويندا.











