ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي، خشڪ ۽ جابلو علائقن ۾ صبح / رات ۾ شديد ٿڌي ۽ جزوي جهڙالي رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو

اسلام آباد-11 جنوري (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهندي، جڏهن ته جابلو علائقن ۾ صبح / رات ۾ شديد ٿڌي ۽ جزوي جهڙالي رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهي، جڏهن ته ڪشمير، مٿانهين خيبر پختونخواهه ۽ پوٺوهار خطي ۾ ڪجهه هنڌن تي برسات …

اسلام آباد-11 جنوري (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهندي، جڏهن ته جابلو علائقن ۾ صبح / رات ۾ شديد ٿڌي ۽ جزوي جهڙالي رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهي، جڏهن ته ڪشمير، مٿانهين خيبر پختونخواهه ۽ پوٺوهار خطي ۾ ڪجهه هنڌن تي برسات پئي. اربع ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد ليه، بگروٽ ۾ ڪاٽو 05، ڪالام ۾ ڪاٽو 04، نٿياگلي، استور، گوپس ۾ ڪاٽو 03، اسڪردو، مالم جبه ۽ مري ۾ ڪاٽو 02 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.