اسحاق ڊار سان اڪنامڪ پاڪستان آمريڪن ڪائونسل ۽ يونائيٽيڊ مسلم آمريڪن ايسوسيئيشن جي گڏيل وفد جي ملاقات

اسلام آباد - 11 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان اڪنامڪ پاڪستان آمريڪن ڪائونسل (اي – پي اي سي) ۽ يونائيٽيڊ مسلم آمريڪن ايسوسيئيشن (يو ايم اي اي) جي گڏيل وفد ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٻطرفي …

اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان اڪنامڪ پاڪستان آمريڪن ڪائونسل (اي – پي اي سي) ۽ يونائيٽيڊ مسلم آمريڪن ايسوسيئيشن (يو ايم اي اي) جي گڏيل وفد ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۽ معاشي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۾ آمريڪي نجي شعبي جي اهم ڪردار کي ساراهيو. هن بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ سول سوسائٽي تنظيمن جي اهم ڪردار تي پڻ زور ڏنو.