اسلام آباد - 11 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف دولت مشترڪه جي قانون وارن وزيرن جي اجلاس ۾ پاڪستان کي ڪامن ويلٿ ايڪسس ٽو جسٽس انوويشن ايوارڊ 2026ع حاصل ڪرڻ تي قانون ۽ انصاف واري وزارت کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته هي ايوارڊ پاڪستان پاران انصاف تائين پهچ کي وڌيڪ موثر بڻائڻ ۽ قانوني شعبي ۾ ڊيجيٽل جدت کي فروغ ڏيڻ جي ڪوششن جو عالمي سطح …
وزيراعظم پاران پاڪستان کي ڪامن ويلٿ ايڪسس ٽو جسٽس انوويشن ايوارڊ 2026ع حاصل ڪرڻ تي قانون ۽ انصاف واري وزارت کي مبارڪباد

مزید خبریں
اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف دولت مشترڪه جي قانون وارن وزيرن جي اجلاس ۾ پاڪستان کي ڪامن ويلٿ ايڪسس ٽو جسٽس انوويشن ايوارڊ 2026ع حاصل ڪرڻ تي قانون ۽ انصاف واري وزارت کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته هي ايوارڊ پاڪستان پاران انصاف تائين پهچ کي وڌيڪ موثر بڻائڻ ۽ قانوني شعبي ۾ ڊيجيٽل جدت کي فروغ ڏيڻ جي ڪوششن جو عالمي سطح تي اعتراف آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ قانون ۽ انصاف واري وزارت جي وفاقي سيڪريٽري راجا نعيم اڪبر جي قيادت ۾ انصاف جي فراهمي جي حوالي سان ڊيجيٽل سڌارن ۽ انقلابي قدمن کي ساراهيندي چيو ته اها ڪاميابي قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ جي قيادت ۾ سندس ٽيم جي غيرمعمولي ڪوششن جو نتيجو آهي. هن چيو ته اهڙي نوعيت جون ڪاميابيون پاڪستان جي عالمي وقار ۾ اضافو ڪن ٿيون ۽ عوامي ادارن جي جديد رخن تي اصلاح ۽ بهتري جي لاءِ حڪومت جي عزم جي عڪاسي ڪن ٿيون، دولت مشترڪه جي سمورن 56 ميمبر ملڪن جي وفدن جي موجودگي ۾ اهو اعزاز پاڪستان جي لاءِ عالمي سطح تي هڪ نمايان ڪاميابي آهي.











