اسلام آباد-11 جنوري (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ سپريم ڪورٽ ۾ نيشنل جوڊيشل پاليسي ميڪنگ ڪميٽي (اين جي پي ايم سي) جو 57هون اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ سمورين هاءِ ڪورٽس جي چيف جسٽس ۽ لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان جي سيڪريٽري شرڪت ڪئي. سپريم ڪورٽ جي سڌ سماءَ واري شعبي جي جاري پڌرائيءَ موجب اجلاس ۾ 56هين اجلاس جي فيصلن …
نيشنل جوڊيشل پاليسي ميڪنگ ڪميٽي پاران ٽن سالن کان وڌيڪ عرصي کان قيد انڊر ٽرائل قيدين جا ڪيس فاسٽ ٽريڪ تي اُڪلائڻ جو حڪم

مزید خبریں
اسلام آباد-11 جنوري (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ سپريم ڪورٽ ۾ نيشنل جوڊيشل پاليسي ميڪنگ ڪميٽي (اين جي پي ايم سي) جو 57هون اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ سمورين هاءِ ڪورٽس جي چيف جسٽس ۽ لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان جي سيڪريٽري شرڪت ڪئي. سپريم ڪورٽ جي سڌ سماءَ واري شعبي جي جاري پڌرائيءَ موجب اجلاس ۾ 56هين اجلاس جي فيصلن تي عملدرآمد جو جائزو وٺندي اداره جاتي صلاحيت کي مضبوط بنائڻ، انصاف تائين پهچ بهتر بنائڻ، ڪيسن جي وقت سر ۽ اثرائتا فيصلا يقيني بنائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. ڪميٽيءَ کي آگاهه ڪيو ويو ته وفاقي حڪومت گرفتار ماڻهن کي 24 ڪلاڪن اندر مئجسٽريٽ آڏو پيش نه ڪرڻ بابت شڪايتن جي ازالي لاءِ باقاعده نظام جوڙي رهي آهي، جنهن کي ٻن هفتن ۾ حتمي شڪل ڏيڻ جي اميد آهي. اين جي پي ايم سي قانون گهرجن تي سختيءَ سان عملدرآمد تي زور ڀريندي اٽارني جنرل آف پاڪستان کي اڳڀرائيءَ بابت باقاعده رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڪميٽي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان اهم ٽيڪس ڪيسن جي تيز رفتار فيصلن کي ساراهيو ۽ قرار ڏنو ته هاءِ ڪورٽس اڳوڻين هدايتن تي مجموعي طور تي اطمينان بخش عملدرآمد ڪيو آهي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته هر هاءِ ڪورٽ ريڪگنيشن اينڊ انفورسمينٽ (آربيٽريشن ايگريمينٽس اينڊ فارن آر بيٽرل ايوارڊز) ايڪٽ 2011ع تحت ڪيسن جي ٻُڌڻيءَ لاءِ خاص بينچز جوڙيندو. ايف بي آر طرفان بي بنياد اپيلن جي اسڪريننگ ۽ غير ضروري ڪيسن جي حوصلا شڪني جي قدمن کي به ساراهيو ويو، جڏهن ته هاءِ ڪورٽ وائز ليٽيگيشن مئنجمينٽ سسٽم ڊيش بورڊ جي تياريءَ کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو ويو. پهرين سيپٽمبر 2025ع کان 15 جنوري 2026ع دوران هاءِ ڪورٽس ۽ ضلعي عدليه جي ڪارڪردگيءَ جو جائزو وٺندي ٻُڌايو ويو ته ان عرصي ۾ هاءِ ڪورٽس ۾ مجموعي طور تي 12 لک 74780 ڪيس التوا هيٺ هئا جڏهن ته 7 لک 54006 ڪيس اُڪلايا ويا. لاهور هاءِ ڪورٽ سڀ کان وڌيڪ 6 لک 22831 ڪيسن جو فيصلو ڪيو، پشاور هاءِ ڪورٽ 66303، سنڌ هاءِ ڪورٽ 42370، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 12226 ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ 10276 ڪيس اُڪلايا. ڪميٽي بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ جوڊيشل آفيسرن کي سَنَدون ۽ ٻيون مراعتون ڏيڻ جي سفارش ڪئي ۽ 2019ع کان التوا هيٺ جانشيني ڪيسن جي فيصلن ۾ اڳڀرائيءَ کي ساراهيو. ماڊل ڪرمنل ۽ سول ڪورٽس جي ڪارڪردگيءَ جو جائزو وٺندي ٻُڌايو ته رپورٽنگ جي مدي دوران 13141 ۽ 46441 فوجداري ڪيس اُڪلايا ويا. خاص طور تي لاهور هاءِ ڪورٽ کي 2020ع کان اڳ تقريبن سمورا پُراڻا ڪيس اُڪلائڻ کي ساراهيو. اجلاس ۾ جيل سڌارن جي حوالي سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڳڀرائيءَ کي به ساراهيو ويو ۽ صوبائي جسٽس ڪميٽين جا اجلاس سڏائي جامع ايڪشن پلان تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي ته جيئن قيدين جي حقن جي تحفظ ۽ جيل انتظاميه ۾ بهتريءَ لاءِ اثرائتي نگراني کي يقيني بڻائي سگهجي. اين جي پي ايم سي عدالتي ادارن ۾ مصنوعي ذهانت جي استعمال لاءِ قومي رهنما اصول گڏيل طور تي منظور ڪيا ۽ جسٽس محمدعلي مظهر طرفان فريم ورڪ کي حتمي شڪل ڏيڻ ۽ نيشنل جوڊيشل ايناليٽڪس ڊيش بورڊ جي تياريءَ ۾ ڪردار کي ساراهيو. هاءِ ڪورٽس کي پنهنجي اداره جاتي گهرجن موجب حفاظتي قدم واضح ڪرڻ جي خودمختياري ڏني وئي. ڪميٽي سمورن ضلعن ۾ مرحليوار اِي فائلنگ کي لاڳو ڪرڻ جي هدايت ڏيندي چيو ته هاءِ ڪورٽس قاعدن ۾ ضروري ترميمون ڪن ۽ ضلعي سطح تي سگهه ۾ واڌ ڪن. قانون ۽ انصاف واري وزارت طرفان لازمي پري ٽرائل ميڊي ايشن متعارف ڪرائڻ جي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي جلد عملدرآمد تي زور ڀريو ويو. 27-2026ع دوران عورتن لاءِ خاص سهولتن جي قيام کي ترجيح ڏيڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو جنهن ۾ مفت قانوني معاونت، نفسياتي ۽ سماجي خدمتن، مصالحتي مرڪز، صنفي تشدد بابت معاونت ۽ ٻارن جي تحفظ جا نظام شامل هوندا. ڪوڙن ۽ بي بنياد ڪيسن جي حوصلاه شڪني لاءِ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ هڪ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ سمورين هاءِ ڪورٽس جا رجسٽرار شامل هوندا جيڪي ڪاسٽ آف ليگيشن ايڪٽ 2017ع جي طرز تي قانوني فريم ورڪ تجويز ڪندا. اهم فيصلي ۾ ڪميٽيءَ حڪم ڏنو ته 3 سالن کان وڌيڪ عرصي کان ٻُڌڻيءَ هيٺ انڊر ٽرائل قيدين جا ڪيس فاسٽ ٽريڪ تي رکي 3 مهينن اندر اُڪلايا وڃن. هن وقت سڄي ملڪ ۾ 82599 انڊر ٽرائل قيدي جيلن ۾ قيد آهن، جن مان 2470 قيدي 3 سالن کان وڌيڪ عرصي کان حراست ۾ آهن. انهن ۾ پنجاب ۾ 1609، سنڌ ۾ 708، ڪي پي ڪي ۾ 146 ۽ بلوچستان ۾ 7 قيدي شامل آهن. اجلاس جي پڄاڻيءَ تي هاءِ ڪورٽس، اٽارني جنرل آفيس ۽ لا اينڊ جسٽس ڪميشن سڪيريٽريٽ جي عدالتي نظم و نسق کي مضبوط بنائڻ ۽ انصاف جي نظام تي عوامي اعتماد وڌائڻ جي ڪوششن کي ساراهيو.











