ڀارت جو سنڌ طاس معاهدو معطل ڪرڻ جي دعويٰ مذمت جوڳي، پاڻي علائقائي سلامتي سان جڙيل معاملو آهي: آبي وسيلن جو ماهر محمد سليم شيخ

اسلام آباد-11 جنوري (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وزارت جي ترجمان ۽ ماحوليات ۽ آبي وسيلن جي ماهر محمد سليم شيخ چيو آهي ته ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي کي هڪطرفي طور معطل ڪرڻ جي دعويٰ انتهائي مذمت جوڳي ۽ عالمي قانونن جي کليل ڀڃڪڙي آهي. پاڻي ڪنهن هڪ ملڪ جو داخلي معاملو ناهي پر هي خطي جي سلامتي، استحڪام ۽ پائيدار ترقي جو بنيادي …

اسلام آباد-11 جنوري (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وزارت جي ترجمان ۽ ماحوليات ۽ آبي وسيلن جي ماهر محمد سليم شيخ چيو آهي ته ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي کي هڪطرفي طور معطل ڪرڻ جي دعويٰ انتهائي مذمت جوڳي ۽ عالمي قانونن جي کليل ڀڃڪڙي آهي. پاڻي ڪنهن هڪ ملڪ جو داخلي معاملو ناهي پر هي خطي جي سلامتي، استحڪام ۽ پائيدار ترقي جو بنيادي حصو آهي. اي پي پي سان ڳالهائيندي هن چيو ته 1960ع ۾ طئي ٿيل سنڌ طاس معاهدو مڪمل طور تي لاڳو آهي ۽ ڪنهن به ڌر کي ان کي هڪطرفي طور ختم ڪرڻ يا تبديل ڪرڻ جو اختيار حاصل ناهي. هن ٻڌايو ته ٽياڪڙي واري عالمي عدالت 2025ع ۾ به واضح فيصلو ڏنو هو ته پاڪستان جي رضامندي کانسواءِ ڀارت معاهدي کي معطل نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته پاڪستان جي حصي جي پاڻي ۾ ڪنهن به قسم جي گهٽتائي ملڪي زرعي نظام، غذائي تحفظ ۽ علائقائي امن لاءِ سنگين خطرو آهي. ڀارت جون تازيون ڪوششون پاڻي کي سياسي ۽ عسڪري هٿيار طور استعمال ڪرڻ جو واضح مثال آهن جنهن کي پاڪستان ڪنهن به صورت ۾ قبول نٿو ڪري. محمد سليم شيخ چيو ته سنڌ طاس معاهدو پاڪستان کي سنڌو درياءَ، جهلم درياءَ ۽ چناب درياءَ جي قدرتي وهڪري جي ضمانت ڏي ٿو، نه وري ڪنهن مخصوص مقدار جي، هاڻوڪي هٿرادو مداخلت آبپاشي جي نظام، ايگريڪلچر سائيڪلز ۽ ملڪي ماحولياتي ۽ اقتصادي استحڪام کي سڌي ريت متاثر ڪري رهي آهي. هن عالمي برادري ۽ معاهدي جي ضامن ادارن سميت عالمي بئنڪ کان مطالبو ڪيو ته اهي فوري مداخلت ڪن ته جيئن پاڻي جي وسيلن تي وڌندڙ سياسي ڇڪتاڻ کي روڪي سگهجي. هن واضح ڪيو ته پاڪستان پنهنجي آبي حقن جي تحفظ لاءِ سمورا قانوني ۽ عالمي ذريعا استعمال ڪندو ۽ سنڌ طاس معاهدي جي ڪنهن به ڀڃڪڙي کي قبول نه ڪيو ويندو.