اسلام آباد-11 جنوري (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. اربع ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 14 ھزار 500 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 30 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 8 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 8 هزار 700 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد 14 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 14 هزار ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 11 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 45 …
واپڊا جي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

مزید خبریں
اسلام آباد-11 جنوري (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. اربع ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 14 ھزار 500 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 30 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 8 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 8 هزار 700 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد 14 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 14 هزار ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 11 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 45 هزار ڪيوسڪ، چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 10 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 4 ھزار 100 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن ۾ تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1487.46 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1550 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 2.545 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. منگلا ۾ گھٽ ۾ گھٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ موجوده سطح 1197.25 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 4.085 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. چشمه ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 645.40 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.154 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو.











