صدر پاران آيت الله سيد علي خامنه اي ۽ ايراني عوام کي اسلامي انقلاب جي 47هين سالگرهه جي موقعي تي مبارڪباد

اسلام آباد - 11 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري آيت الله سيد علي خامنه اي ۽ ايراني عوام کي اسلامي انقلاب جي 47هين سالگرهه جي موقعي تي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب پنهنجي هڪ خط ۾ صدر چيو ته پاڪستان ۽ ايران جا لاڳاپا گڏيل تاريخ، زبان، ثقافت ۽ جاگرافيائي جي بنياد تي مضبوط پاڙون رکن ٿا جيڪي سالن دوران وڌيڪ مضبوط ۽ …

اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري آيت الله سيد علي خامنه اي ۽ ايراني عوام کي اسلامي انقلاب جي 47هين سالگرهه جي موقعي تي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب پنهنجي هڪ خط ۾ صدر چيو ته پاڪستان ۽ ايران جا لاڳاپا گڏيل تاريخ، زبان، ثقافت ۽ جاگرافيائي جي بنياد تي مضبوط پاڙون رکن ٿا جيڪي سالن دوران وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ٿيا آهن. هن ان يقين جو اظهار ڪيو ته ڀائيچاري جو اهو جذبو اڳتي به وڌندو ۽ ٻنهي ملڪن ۽ وسيع خطي جي خوشحالي، استحڪام ۽ هم آهنگي ۾ حصو وجهندو. صدر آصف علي زرداري آيت الله سيد علي خامنه اي جي سٺي صحت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. صدر آصف علي زرداري ايران جي عوام جي لاءِ امن، ترقي ۽ خوشحالي جي دعا پڻ ڪئي.