اسلام آباد-11 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق انفارميشن گروپ جي گريڊ 20 هين جي سينيئر آفيسر ۽ نيڪٽا ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ ڪاشف زمان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ هن مرحوم جي پيشيوراڻي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ڪاشف زمان باصلاحيت، محنتي ۽ فرض شناس آفيسر هو جنهن قومي ادارن ۾ پنهنجون ذميواريون …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پاران انفارميشن گروپ جي سينئر آفيسر ڪاشف زمان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد-11 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق انفارميشن گروپ جي گريڊ 20 هين جي سينيئر آفيسر ۽ نيڪٽا ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ ڪاشف زمان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ هن مرحوم جي پيشيوراڻي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ڪاشف زمان باصلاحيت، محنتي ۽ فرض شناس آفيسر هو جنهن قومي ادارن ۾ پنهنجون ذميواريون نهايت ديانتداري ۽ سچي نيت سان انجام ڏنيون. هن چيو ته مرحوم جو لاڏاڻو اداري ۽ سوڳوار خاندان لاءِ وڏو نقصان آهي. اسپيڪر چيو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ هو سوڳوار خاندان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي. هن الله تعاليٰ کان محروم جي درجن جي بلندي ۽ سوڳوار خاندان کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ لاءِ صبر جي عاڪئي.










