اسلام آباد-11 جنوري (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته حڪومت سڄي ملڪ جي مستقبل جي معمارن کي بيمارين کان محفوظ بڻائڻ لاءِ موثر قدم کڻي رهي آهي ۽ حفاظتي ٽڪن جي نظام کي جديد رخن تي هموار ڪيو پيو وڃي. اهڙو اظهار هن حفاظتي ٽڪا (اي پي آءِ) بابت وفاقي پروگرام ۾ سولر سسٽم لڳائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته …
مستقبل جي معمارن کي بيمارين کان محفوظ بڻائڻ لاءِ موثر قدم جاري آهن: وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال

مزید خبریں
اسلام آباد-11 جنوري (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته حڪومت سڄي ملڪ جي مستقبل جي معمارن کي بيمارين کان محفوظ بڻائڻ لاءِ موثر قدم کڻي رهي آهي ۽ حفاظتي ٽڪن جي نظام کي جديد رخن تي هموار ڪيو پيو وڃي. اهڙو اظهار هن حفاظتي ٽڪا (اي پي آءِ) بابت وفاقي پروگرام ۾ سولر سسٽم لڳائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ 55 کان وڌيڪ بيمارين کان بچاءُ لاءِ ويڪسين دستياب آهي، سعودي عرب ۾ 43 قسمن جي بيمارين کان بچاءُ جي ويڪسين ڏني پئي وڃي، پاڪستان ۾ هن وقت ٻارن کي 13 قسمن جي ويڪسين فراهم ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ سروائيڪل ڪينسر کان بچاءُ جي ويڪسين به شامل آهي جيڪا ڊبليو ايڇ او، گاوي ۽ ٻين عالمي ادارن جي تعاون سان خريد ڪئي پئي وڃي. وفاقي وزير چيو ته ڪجهه سال اڳ ڪورونا وبا دوران آمريڪا، چين، ڀارت ۽ يورپ سميت ڪيترن ملڪن جو صحت وارو نظام متاثر ٿيو، هن چيو ته رڳو اسپتال ٺاهڻ، هيلٿ ڪيئر ناهي پر بيمارين کان بچاءُ تي ڌيان ڏيڻ ضروري آهي ڇاڪاڻ ته صحت جو نظام ٻار جي پيدائش کان شروع ٿئي ٿو. وفاقي وزير چيو ته حڪومت انڊونيشيا، چين ۽ سعودي عرب کان جديد ٽيڪنالاجي آڻي رهي آهي جڏهن ته سعودي عرب جو 11 رڪني وفد تازو ئي پاڪستان جو دورو به ڪري چڪو آهي.هن ٻڌايو ته گاوي ۽ ٻين عالمي ادارن جي تعاون سان سولرائيزيشن سسٽم فعال ڪيو ويو آهي ۽ هڪ ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي جنهن سان ڪنهن به ايمرجنسي يا بجلي جي بندش جي صورت ۾ ويڪسين محفوظ رهندي. مصطفيٰ ڪمال چيو ته اسلام آباد، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي 11هزار 600 شهرين کي يونيورسل هيلٿ انشورنس تحت علاج جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي، پمز کانسواءِ 13 وڌيڪ اسپتالن ۾ شهرين جي علاج جاري آهي ته جيئن پمز ۽ پولي ڪلينڪ تي مريضن جو دٻاءُ گهٽ ڪري سگهجي.










