خراج تحسين پيش اسلام آباد - 11 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستاني عورتن جي صلاحيت، عزم ۽ حوصلي کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني عورتون ۽ ڇوڪريون سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ جدت جي ذريعي قومي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيون اهن. سائنس ۾ عورتن ۽ ڇوڪرين جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته پاڪستان جو سائنسي مستقبل …
صدر آصف علي زرداري پاران پاڪستاني عورتن جي صلاحيت، عزم ۽ حوصلي کي

مزید خبریں
خراج تحسين پيش
اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستاني عورتن جي صلاحيت، عزم ۽ حوصلي کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني عورتون ۽ ڇوڪريون سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ جدت جي ذريعي قومي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيون اهن. سائنس ۾ عورتن ۽ ڇوڪرين جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته پاڪستان جو سائنسي مستقبل هر پاڪستاني جي لاءِ موقعن ۽ ترقي جا رستا کولي ٿو ۽ اسان جون عورتون ان کي اڳتي وڌائي رهيون آهن، انهن جون ڪوششون اسان جي مستقبل تي اعتماد ۽ علم کي قومي طاقت جي هڪ موثر ذريعي جي طور تي اختيار ڪرڻ جي يقين جون عڪاس آهن. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته عورتن جي خلاف هر قسم جي امتياز جي خاتمي جي ڪنوينشن (سي اي ڊي اي ڊبليو) جي رياستي ڌر جي طور تي پاڪستان تعليم، تحقيق ۽ سائنسي قيادت ۾ برابري جي عزم تي قائم آهي. اهو عزم هاڻي عملي شڪل اختيار ڪري رهيو آهي. اسان جي يونيورسٽين ۽ اعليٰ تعليمي ادارن ۾ داخلا وٺندڙن ۾ عورتن جو انگ اڌ کان وڌيڪ ٿي چڪو آهي جيڪا موقعن ۽ خواهشن ۾ هڪ مثبت تبديلي جي علامت آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته ليبارٽرين، يونيورسٽين ۽ تحقيقي مرڪزن ۾ پاڪستاني عورتون انجنيئرنگ، طبي علم، ڪمپيوٽنگ، بائيو ٽيڪنالاجي ۽ ٻين اڀرندڙ شعبن ۾ تحقيق جي قيادت ڪري رهيون آهن، ڪامسٽيڪ تحت اهي مسلم دنيا ۾ سائنسي تعاون، صحت ۾ جدت ۽ موسمياتي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت جي فروغ ۾ پڻ ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. صدر چيو ته پاڪستان کي انهن عورت سائنسدانن تي فخر آهي جن عالمي سطح تي سڃاڻپ حاصل ڪئي جن ۾ نرگس ماولوالا، تسنيم زهرا حسين ۽ مهيره عبدالغني شامل آهن، انهن جون ڪاميابيون نوجوان نسل کي اعتماد ۽ مقصد سان سائنس جي ميدان ۾ اڳتي وڌڻ جي ترغيب ڏين ٿيون. هن چيو ته اها اڳڀرائي خاندانن ۽ برادرين جي لاءِ پڻ انتهائي اهم آهي، جڏهن عورتون سائنس ۽ تحقيق ۾ اڳتي وڌن ٿيون ته صحت جون عالمي سهولتون بهتر ٿين ٿيون، ماحولياتي ۽ فني مسئلن جا عملي حل سامهون اچن ٿا ۽ ٻارڙيون تعليم کي عزت ۽ ڪاميابي جي رستي طور ڏسن ٿيون، هر اهو ڪلاس روم جتي اهي قدم رکن ٿيون ۽ هر اها ليبارٽري جنهن جي اهي قيادت ڪن ٿيون، اسان جي ملڪ جي سماجي ۽ معاشي ڍانچي کي مضبوط بڻائين ٿيون. صدر چيو ته جيتوڻيڪ چئلينجز اڃا به موجود آهن جن ۾ عورتن جي خواندگي جي شرح ۾ وڌيڪ بهتري جي ضرورت شامل آهي تنهن هوندي به رخ بلڪل واضح آهي، اسان جون ڌيئرون مهارت ۽ بلند حوصلي سان اڳتي وڌي رهيون آهن ۽ علم ۽ تحقيق جي ذريعي پاڪستان جي خدمت لاءِ تيار آهن. پاڪستان جو سائنسي مستقبل هر پاڪستاني جي لاءِ موقعن ۽ ترقي جا رستا کولي ٿو ۽ اسان جون عورتون ان کي اڳتي وڌائي رهيون آهن.









