اسلام آباد-10 فيبروري (اي پي پي) هائوسنگ ۽ تعميرات واري وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده چيو آهي ته پاڪستان کي پيش ايندڙ هائوسنگ بحران کي مُنهن ڏيڻ لاءِ حڪومت جامع پاليسي سڌارا ۽ عملي قدم کڻي رهي آهي. ترجمان موجب هن اها ڳالهه يو اين هيبي ٽيٽ ايشيا ۽ پيسفڪ جي ريجنل ڊائريڪٽر ڪازوڪو اشيگاڪي سان هائوسنگ ۽ تعميرات واري وزارت ۾ ملاقات دوران چئي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت …
پاڪستان کي پيش ايندڙ هائوسنگ بحران کي مُنهن ڏيڻ لاءِ حڪومت جامع پاليسي سڌارا ۽ عملي قدم کڻي رهي آهي: ميان رياض حسين پيرزاده
اسلام آباد-10 فيبروري (اي پي پي) هائوسنگ ۽ تعميرات واري وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده چيو آهي ته پاڪستان کي پيش ايندڙ هائوسنگ بحران کي مُنهن ڏيڻ لاءِ حڪومت جامع پاليسي سڌارا ۽ عملي قدم کڻي رهي آهي. ترجمان موجب هن اها ڳالهه يو اين هيبي ٽيٽ ايشيا ۽ پيسفڪ جي ريجنل ڊائريڪٽر ڪازوڪو اشيگاڪي سان هائوسنگ ۽ تعميرات واري وزارت ۾ ملاقات دوران چئي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت پائيدار، گهٽ لاڳت ۽ جامع هائوسنگ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پُرعزم آهي ۽ ان مقصد لاءِ قومي سطح تي سڌارن وارا قدم کنيا پيا وڃن. هن هائوسنگ ۽ شهري ترقيءَ جي شعبي ۾ گڏيل قومن جي اداري يو اين هيبي ٽيٽ جي مسلسل فني معاونت کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان ۾ هائوسنگ بحران هڪ وڏو چئلينج آهي، جنهن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ عالمي ڀائيواري نهايت اهم آهي. رياض حسين پيرزاده قومي هائوسنگ پاليسي 2025ع جي تياريءَ ۾ يو اين هيبي ٽيٽ جي معاونت ۽ ٻوڏ کانپوءِ بحاليءَ جي قدمن، خاص ڪري شهري منصوبا بندي، ايراضي ۽ هائوسنگ پاليسين ۽ بنيادي ڍانچي جي بهتريءَ جي حوالي سان سهڪار کي قدر جوڳو قرار ڏنو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاليسي سازي سان گڏوگڏ اثرائتي عملدرآمد ذريعي ئي عوام کي حقيقي رليف فراهم ڪري سگهجي ٿو. ان موقعي تي يو اين هيبي ٽيٽ جي ريجنل ڊائريڪٽر جٽادار، جامع ۽ موسمياتي تبديلين سان هم آهنگ شهري ترقيءَ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن چيو ته يو اين هيبي ٽيٽ اسٽريٽجڪ پلان 2029-2026ع تحت هائوسنگ کي ڪميونٽي ۽ قومي ترقي جو بنياد قرار ڏنو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته ادارو پاڪستان ۾ موسمياتي لحاظ کان محفوظ ۽ گهٽ لاڳت وارن هائوسنگ منصوبن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ فني ۽ پاليسي معاونت فراهم ڪندو رهندو. وزارت جي سيڪريٽري ڪئپٽن (ر) محمد محمود ٻُڌايو ته قومي هائوسنگ پاليسي منظوريءَ جي آخري مرحلي ۾ آهي ۽ حڪومت گرين بلڊنگ معيارن ۽ ترغيبي فريم ورڪ ذريعي هائوسنگ ۽ شهري ترقيءَ جي رفتار تيز ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي. هن. ڪازوڪو اشيگاڪي حڪومتي قدمن جي آجيان ڪندي گرين بلڊنگ قدمن لاءِ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته يو اين هيبي ٽيٽ گذريل هڪ ڏهاڪي کان تعميراتي شعبي کي ماحولياتي اثر گهٽ ڪرڻ لاءِ جٽادار تعمير کي هٿي وٺرائڻ تي ڪم ڪري رهي آهي. ملاقات ۾ هائوسنگ واري ايڊيشنل سيڪريٽري، ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل پاليسي اينڊ پلاننگ ونگ ۽ گڏيل قومن هيبي ٽيٽ جو سينيئر ايڊوائيزر جواد علي خان به موجود هو. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي ڪازوڪو اشيگاڪي وفاقي وزير کي مئي 2026ع ۾ آذربائيجان ۾ منعقد ٿيندڙ ورلڊ اربن فورم ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ڌُرين پاڪستان ۾ پائيدار شهري ترقي ۽ هائوسنگ جي بهتر نتيجن کي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏيل سهڪار وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۽ ويجها رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.










