پاڪستان 5 کان 6 فيبروري 2026ع تي لاهور ۾ ڊي – 8 ڪمشنرز جي غيررسمي اجلاس جي ميزباني ڪئي: پرڏيهي آفيس

اسلام آباد - 10 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان 5 کان 6 فيبروري 2026ع تي لاهور ۾ ڊي – 8 ڪمشنرز جي غيررسمي اجلاس جي ميزباني ڪئي. ان اجلاس جو بنيادي مقصد ڊي – 8 سيڪريٽريٽ کي مضبوط بڻائڻ ۽ ان جي مالي ۽ انتظامي معاملن جي منظوري ڏيڻ هو، ته جيئن اپريل ۾ جڪارتا ۾ منعقد ٿيندڙ ڊي – 8 ڪميشن جي 51هين اجلاس ۽ 12هين ڊي – 8 …

اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان 5 کان 6 فيبروري 2026ع تي لاهور ۾ ڊي – 8 ڪمشنرز جي غيررسمي اجلاس جي ميزباني ڪئي. ان اجلاس جو بنيادي مقصد ڊي – 8 سيڪريٽريٽ کي مضبوط بڻائڻ ۽ ان جي مالي ۽ انتظامي معاملن جي منظوري ڏيڻ هو، ته جيئن اپريل ۾ جڪارتا ۾ منعقد ٿيندڙ ڊي – 8 ڪميشن جي 51هين اجلاس ۽ 12هين ڊي – 8 سربراهه اجلاس کان اڳ ضروري تياري مڪمل ڪري سگهجي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ سمورن ميمبر ملڪن آذربائيجان، بنگلاديش، مصر، انڊونيشيا، ايران، ملائيشيا، نائجيريا، ترڪيه ۽ پاڪستان جي ڊي – 8 ڪمشنرز شرڪت ڪئي. ڊي – 8 جو سيڪريٽري جنرل سفير سهيل محمود پڻ ان اجلاس ۾ شريڪ ٿيو. اهو غيررسمي اجلاس ميمبر ملڪن ۽ سيڪريٽريٽ جي وچ ۾ مڪالمي ۽ خيالن جي ڏي وٺ جي لاءِ هڪ موثر پليٽ فارم ثابت ٿيو، جنهن ۾ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻ، اداراجاتي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ ۽ ڊي – 8 جي ترجيحي شعبن ۽ جاري قدمن تي عملدرآمد کي تيز ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملين تي غور ڪيو ويو. ٻن ڏينهن واري غيررسمي دوري دوران ڊي – 8 جي نمائندن لاهور جي مختلف تاريخي، ٿقافتي ۽ قومي اهميت رکندڙ جاين جو دورو پڻ ڪيو. انهن ۾ واهگه بارڊر، تاريخي شالامار باغ، لاهور قلعه ۽ بادشامي مسجد شامل هئا. وفدن تاريخي پونچ هائوس، لاهور ۾ منعقد ٿيندڙ رنگارنگ ۽ ثقافتي بسنت ميلي ۾ پڻ ش رڪت ڪئي. ان موقعي تي پنجاب جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب ۽ زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ واري صوبائي وزير سيد عاشق حسين ڪرماڻي پڻ شرڪت ڪئي ۽ غيرملڪي معزز مهمانن جي شاندار آجيان ڪئي. معزز نمائندن غيررسمي اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان حڪومت جي شاندار ميزباني ۽ بهترين انتظامن تي ٿورا ادا ڪيا. هنن ڊي – 8 ميمبر ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي رابطن، اقتصادي تعاون ۽ عوامي سطح تي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں