اسلام آباد - 10 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان حڪومت اتر اولهه شام ۾ تازي اوچتو ايندڙ ٻوڏ جي نتيجي ۾ قيمتي انساني جانين جي زيان ۽ مالي نقصان تي شام حڪومت ۽ شامي عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. ٻوڏ جي ڪري ادلب ۽ لاذقيه جا علائقا شديد تباهي جي ور چڙهي ويا آهن. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اسان جون همدرديون ۽ دعائون ان قدرتي …
پاڪستان پاران شام ۾ تازي ٻوڏ جي نتيجي ۾ قيمتي انساني جانين ۽ مالي نقصان تي شام جي حڪومت ۽ عوام سان دلي تعزيت جو اظهار
اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان حڪومت اتر اولهه شام ۾ تازي اوچتو ايندڙ ٻوڏ جي نتيجي ۾ قيمتي انساني جانين جي زيان ۽ مالي نقصان تي شام حڪومت ۽ شامي عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. ٻوڏ جي ڪري ادلب ۽ لاذقيه جا علائقا شديد تباهي جي ور چڙهي ويا آهن. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اسان جون همدرديون ۽ دعائون ان قدرتي آفت ۾ فوت ٿيندڙن جي گهرڀاتين سان گڏ آهن جڏهن ته زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريون ٿا. ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان شام جي حڪومت ۽ عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو.










