ورلڊ ڊفينس شو 2026ع ۾ پاڪ فضائيه جي، جي ايف-17 بلاڪ ٿري ۽ سپر مشاق جي شرڪت

اسلام آباد-10 فيبروري (اي پي پي) پاڪ فضائيه جو جٿو سعودي عرب ۾ منعقد ورلڊ ڊفينس شو 2026ع ۾ شريڪ آهي، جتي پي اي ايف جي جديد ترين جي ايف-17 ٿنڊر بلاڪ ٿري ملٽي رول فائٽر جهاز ۽ عالمي سطح تي تسليم ٿيل سپر مشاق تربيتي جهاز جي نمائش ڪئي پئي وڃي. ورلڊ ڊفينس شو 2026ع دفاع ۽ سلامتيءَ جي شعبي ۾ هڪ ناليواري عالمي پليٽ فارم جي حيثيت رکي …

اسلام آباد-10 فيبروري (اي پي پي) پاڪ فضائيه جو جٿو سعودي عرب ۾ منعقد ورلڊ ڊفينس شو 2026ع ۾ شريڪ آهي، جتي پي اي ايف جي جديد ترين جي ايف-17 ٿنڊر بلاڪ ٿري ملٽي رول فائٽر جهاز ۽ عالمي سطح تي تسليم ٿيل سپر مشاق تربيتي جهاز جي نمائش ڪئي پئي وڃي. ورلڊ ڊفينس شو 2026ع دفاع ۽ سلامتيءَ جي شعبي ۾ هڪ ناليواري عالمي پليٽ فارم جي حيثيت رکي ٿو. ان نمائش ۾ پاڪ فضائيه جي شرڪت ايرو اسپيس جدت، آپريشنل قابليت ۽ اعتماد جوڳي دفاعي معاملن جي اُڀرندڙ مرڪز طور تي پاڪستان جي عالمي پوزيشن کي وڌيڪ مستحڪم ڪيو آهي. پاڪ فضائيه جي ترجمان موجب ورلڊ ڊفينس شو 2026ع ۾ شرڪت پاڪستان جي تيزيءَ سان ترقي ڪندڙ مقامي ايرو اسپيس صنعت ۽ پي اي ايف جي آزمايل عملي صلاحيتن جي عڪاسي آهي. جي ايف-17 بلاڪ ٿري پاڪستان جي عسڪري هوابازي ٽيڪنالاجيءَ جي اعليٰ ترين مظهر ۽ جديد ايويانڪس، اي اي ايس اي ريڊار، اثرائتي اليڪٽرانڪ وار فيئر نظام ۽ بي وي آر ميزائل جهڙي جنگي صلاحيت رکندڙ آهي، جيڪو ان کي جديد فضائي فوج جي عملي ضرورتن کي پورو ڪندڙ هڪ طاقتور 4.5 جنريشن فائٽر جهاز بڻائي ٿو. ان سان گڏوگڏ سپر مشاق تربيتي جهاز پائليٽ ٽريننگ جي ميدان ۾ پاڪستان جي مضبوط صلاحيتن کي اجاگر ڪري ٿو. پنهنجي اعتماد جوڳي ڪارڪردگي، گهٽ لاڳت ۽ آسان سارسنڀال سبب سپر مشاق کي ڪيترا ئي دوست ملڪ پنهنجي فضائي فوج ۾ شامل ڪري چڪا آهن ۽ هي سڄي دنيا ۾ بنيادي اُڏام جي تربيت لاءِ هڪ معياري پليٽ فارم طور تي خدمتون انجام ڏئي رهيو آهي. ورلڊ ڊفينس شو 2026ع ۾ پاڪ فضائيه جي جٿي جي شرڪت پاڪ فضائيه جي قيادت جي ويزن جي عڪاسي آهي، جيڪا دفاعي سهڪار ۽ روانگي واپار کي هٿي وٺرائڻ ۽ دوست ملڪن سان جٽادار ڀائيواري کي مضبوط بنائڻ تي عمل پيرا آهي. ان نمائش ذريعي عالمي وفدن، دفاعي عملدارن ۽ عسڪري صنعت جي اڳواڻن کي پاڪ فضائيه سان رابطن، سهڪار، تربيت ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ جو اثرائتو موقعو فراهم ٿيندو.

مزید خبریں