اسلام آباد-10 فيبروري (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهندي، جڏهن ته گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ ڪجهه هنڌن تي هلڪي برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران مٿانهين پنجاب، اسلام آباد، مٿانيهن خيبر پختونخواهه، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ برسات/ برفباري ٿي. ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ …
ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو
اسلام آباد-10 فيبروري (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهندي، جڏهن ته گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ ڪجهه هنڌن تي هلڪي برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران مٿانهين پنجاب، اسلام آباد، مٿانيهن خيبر پختونخواهه، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ برسات/ برفباري ٿي. ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ جزوي جهڙالي رهي. اڱاري ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد ليه ۾ ڪاٽو 08، استور ۾ ڪاٽو 04، اسڪردو، گوپس ۾ ڪاٽو 02، ڪالام، مالم جبه ۽ مري ۾ ڪاٽو 01 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.










