ڪوئيٽا-10 فيبروري (اي پي پي) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهچي وئي. بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندوخيل، صوبائي وزيرن سان گڏ ايئرپورٽ تي پنجاب جي وزيراعليٰ جو استقبال ڪيو. بعد ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ، بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندوخيل ۽ وڏي وزير مير سرفراز بگٽي سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان مسلم ليگ (ن) جا صوبائي وزير ۽ صوبائي اسيمبلي جو …
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهچي وئي
ڪوئيٽا-10 فيبروري (اي پي پي) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهچي وئي. بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندوخيل، صوبائي وزيرن سان گڏ ايئرپورٽ تي پنجاب جي وزيراعليٰ جو استقبال ڪيو. بعد ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ، بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندوخيل ۽ وڏي وزير مير سرفراز بگٽي سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان مسلم ليگ (ن) جا صوبائي وزير ۽ صوبائي اسيمبلي جو اسپيڪر به موجود هو. پنجاب جي سينئر صوبائي وزير مريم اورنگزيب، اطلاعات واري صوبائي وزير عظميٰ بخاري ۽ چيف سيڪريٽري به وزيراعليٰ سان گڏ هئا.












