نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ انڊونيشيا جي سيڙپڪاري واري وزير ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد - 10 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار انڊونيشيا جي سيڙپڪاري ۽ ڊائون اسٽريم انڊسٽري واري وزير ۽ انڊونيشيا جي خودمختيار ويلٿ فنڊ (دانانتارا) جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر روزان روزلاني سان وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ اقتصادي ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ، تعاون جي امڪاني موقعن …

اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار انڊونيشيا جي سيڙپڪاري ۽ ڊائون اسٽريم انڊسٽري واري وزير ۽ انڊونيشيا جي خودمختيار ويلٿ فنڊ (دانانتارا) جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر روزان روزلاني سان وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ اقتصادي ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ، تعاون جي امڪاني موقعن ۽ گڏيل مفاد تي  ٻڌل منصوبن جو جائزو وٺڻ تي ڌيان ڏنو ويو جن ۾ بهترين طريقيڪار جي مٽاسٽا ۽ صحت سميت ترجيحي شعبن ۾ تعاون شامل آهي. ناڻي واري وزارت، اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) ۽ بورڊ آف انويسٽمينٽ پاران پاڪستان جي سيڙپڪاري جي منظرنامي، ترجيحي شعبن ۽ سهولت جي طريقيڪار تي بريفنگ ڏني وئي. ان سان گڏوگڏ انڊونيشيا جي تجربن ۽ مهارت خاص طور تي خودمختيار ويلٿ فنڊ جي ڍانچن ۽ ڊائون اسٽريم سيڙپڪاري جي شعبي مان فائدو کڻڻ تي پڻ زور ڏنو ويو. نائب وزيراعظم گڏيل احترام ۽ تعاون تي ٻڌل پراڻي پاڪستان – انڊونيشيا ٻطرفي لاڳاپن جي لاءِ گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته گڏيل سيڙپڪاري پاڪستان – انڊونيشيا حصيداري جي فروغ جي لاءِ هڪ اهم محرڪ ثابت ٿي سگهي ٿي. ملاقات ۾ صحت واري وزير، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، بورڊ آف انويسٽمينٽ جي چيئرمين، نيشنل ڪوآرڊينيٽر ايس آءِ ايف سي، ناڻي واري سيڪريٽري، وقتي پرڏيهي سيڪريٽري ۽ ٻين سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.