اسلام آباد -10 فيبروري (اي پي پي) قومي مالياتي ڪميشن (اين ايف سي) تحت وفاق پاران صوبن کي مالي سال جي پهرين ڇهه ماهي ۾ 36 کرب 16 ارب 98 ڪروڙ روپين جا فنڊز منتقل ڪيا ويا آهن. ناڻي وزارت پاران جاري انگن اکرن موجب پهرين ڇهه ماهي ۾ اين ايف سي تحت پنجاب کي 17 کرب 96 ارب 22 ڪروڙ 60 لک روپيا، سنڌ کي 9 کرب هڪ ارب 44 …
اين ايف سي تحت صوبن کي مالي سال جي پهرين ڇهه ماهي ۾ 36 کرب 16 ارب 98 ڪروڙ روپين جا فنڊ منتقل
اسلام آباد -10 فيبروري (اي پي پي) قومي مالياتي ڪميشن (اين ايف سي) تحت وفاق پاران صوبن کي مالي سال جي پهرين ڇهه ماهي ۾ 36 کرب 16 ارب 98 ڪروڙ روپين جا فنڊز منتقل ڪيا ويا آهن. ناڻي وزارت پاران جاري انگن اکرن موجب پهرين ڇهه ماهي ۾ اين ايف سي تحت پنجاب کي 17 کرب 96 ارب 22 ڪروڙ 60 لک روپيا، سنڌ کي 9 کرب هڪ ارب 44 ڪروڙ 10 لک روپيا، خيبر پختونخوا کي 5 کرب 86 ارب 5 ڪروڙ 60 لک روپيا ۽ بلوچستان کي 3 کرب 32 ارب 37 ڪروڙ 50 لک روپين جا فنڊز منتقل ڪيا ويا آهن. موجوده مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ اين ايف سي تحت پنجاب کي 8 کرب 82 ارب 32 ڪروڙ 60 لک روپيا، سنڌ کي 4 کرب 41 ارب 55 ڪروڙ 60 لک روپيا، خيبر پختونخوا کي 2 کرب 87 ارب 14 ڪروڙ 70 لک روپيا ۽ بلوچستان کي هڪ کرب 64 ارب 25 ڪروڙ 80 لک روپين جا فنڊز منتقل ڪيا ويا هئا. واضح رهي ته گذريل مالي سال دوران اين ايف سي تحت پنجاب کي 33 کرب 26 ارب 83 ڪروڙ 70 لک روپيا، سنڌ کي 17 کرب 4 ارب 34 ڪروڙ 90 لک روپيا، خيبر پختونخوا کي 11 کرب 2 ارب 85 ڪروڙ 40 لک روپا ۽ بلوچستان کي 7 کرب 19 ارب 97 ڪروڙ 60 لک روپين جا فنڊز جاري ڪيا ويا هئا.












