اسلام آباد -10 فيبروري (اي پي پي) پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي، ته افغانستان مان دهشتگردي ۽ واپار گڏ نٿا هلي سگهن، افغانستان مان سرحدي رستي جي بندش کان پوءِ 1100 کان وڌيڪ پاڪستاني وطن واپس آيا آهن، افغانستان سان هوائي رستي اچ وڃ جاري آهي. قومي اسيمبلي ۾ پاڪ افغان سرحد جي بندش بابت شاگردن کي پيش ايندڙ مشڪلاتن جي حوالي سان ڌيان ڇڪايو …
افغانستان مان دهشتگردي ۽ واپارگڏ نٿا هلي سگهن: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري
اسلام آباد -10 فيبروري (اي پي پي) پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي، ته افغانستان مان دهشتگردي ۽ واپار گڏ نٿا هلي سگهن، افغانستان مان سرحدي رستي جي بندش کان پوءِ 1100 کان وڌيڪ پاڪستاني وطن واپس آيا آهن، افغانستان سان هوائي رستي اچ وڃ جاري آهي. قومي اسيمبلي ۾ پاڪ افغان سرحد جي بندش بابت شاگردن کي پيش ايندڙ مشڪلاتن جي حوالي سان ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي جواب ۾ ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ايوان کي ٻڌايو ته هن وقت 947 پاڪستاني شاگرد افغانستان ۾ موجود آهن ۽ اسان جو سفارتخانو انهن سان رابطي ۾ آهي. انجم عقيل جي سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته افغانستان ۾ تعليم پرائيندڙ شاگردن جو ڪل انگ 2050 آهي، انهن مان گهڻا ڪابل ۽ جلال آباد ۾ ميڊيڪل جي شعبي ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، سرحدن جي بندش کان اهي روڊ رستي ايندا ويندا هئا. آڪٽوبر 2025ع ۾ مداخلت ۽ پاڪستاني چوڪين تي حملن کان پوءِ سرحد بند ڪئي وئي هئي. ان کان پوءِ پاڪستان جوابي ڪارروائي ڪئي، ڳالهيون به ٿيون جڏهن ته طالبان حڪومت اها خاطري ڪرائڻ لاءِ تيار نه هئي ته پنهنجي سرحد تان مداخلت روڪيندي. هن ٻڌايو ته 1100 پاڪستاني شاگرد هوائي رستي واپس آيا آهن، باقي پنهنجي تعليم جاري رکن پيا. ٻنهي ملڪن وچ ۾ فضائي رستي اچ وڃ جاري آهي.












