اسلام آباد -10 فيبروري (اي پي پي) مخصوص ماڻهن جي سار سنڀال جي حوالي سان قائم فائونڊيشن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين تي ٻڌل 12 رڪني وفد پارليامينٽ هائوس اسلام آباد جو مطالعاتي دورو ڪيو. پارليامينٽ هائوس پهچڻ تي وفد جو سينيٽ سيڪريٽريٽ جي اختيارين شاندار استقبال ڪيو. وفد سينيٽ ميوزيم جو دورو به ڪيو جتي کين پاڪستان جي پارلياماني تاريخ، آئين جي جوڙجڪ ۽ قانون سازي جي …
مُختلف اسڪُولن جي ٻارن پاران پارليامينٽ هائوس جو مطالعاتي دورو
اسلام آباد -10 فيبروري (اي پي پي) مخصوص ماڻهن جي سار سنڀال جي حوالي سان قائم فائونڊيشن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين تي ٻڌل 12 رڪني وفد پارليامينٽ هائوس اسلام آباد جو مطالعاتي دورو ڪيو. پارليامينٽ هائوس پهچڻ تي وفد جو سينيٽ سيڪريٽريٽ جي اختيارين شاندار استقبال ڪيو. وفد سينيٽ ميوزيم جو دورو به ڪيو جتي کين پاڪستان جي پارلياماني تاريخ، آئين جي جوڙجڪ ۽ قانون سازي جي عمل جي مختلف مرحلن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. وفد دستور گلي جو دورو به ڪيو. جنهن کان پوءِ وفد سينيٽ هال جو دورو ڪيو جتي پارليامينٽ جي نظام، سينيٽ جي ڪردار، قانون سازي جي طريقيڪار ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽين جي ڪردار جي حوالي سان جامع بريفنگ ڏني وئي. شاگردن ۽ شاگردياڻين پارلياماني ڪارروائي ۽ جمهوري عمل ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ ان دوري کي نهايت معلوماتي ۽ فائديمند قرار ڏيندي سينيٽ سيڪريٽريٽ جي انتظامن جي تعريف ڪئي. جڏهن ته سٽي اسڪول لاهور جي شاگردن جي وفد قومي اسيمبلي اجلاس جي ڪارروائي ڏٺي، قومي اسيمبلي ۾ مهمانن واري گئلري ۾ اچڻ تي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه ايوان کي ٻڌايو ته سٽي اسڪول لاهور جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جو هڪ وفد اجلاس جي ڪارروائي ڏسڻ مهمانن جي گئلري ۾ موجود آهي، جن جي آجيان ڪيون ٿا. ميمبرن ڊيسڪون وڄائي سندن آجيان ڪئي.












