واپاري نمائش ليپ 2026ع ۾ شرڪت لاءِ 20 فيبروري تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون: ٽي ڊي اي پي

اسلام آباد-10 فيبروري(اي پي پي) ٽريڊ ڊوپلمينٽ اٿارٽي پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) چيو آهي ته سعودي عرب ۾ 13 کان 16 اپريل تي منعقد ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش ليپ 2026ع ۾ شرڪت لاءِ 20 فيبروري تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ٽي ڊي اي موجب نمائش سعود عرب جي شهر رياض ۾ 13 اپريل کان 16 اپريل تائين جاري رهندي جنهن ۾ اي آءِ اينڊ مشين لرنگ، انٽرپرائز سافٽ …

اسلام آباد-10 فيبروري(اي پي پي) ٽريڊ ڊوپلمينٽ اٿارٽي پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) چيو آهي ته سعودي عرب ۾ 13 کان 16 اپريل تي منعقد ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش ليپ 2026ع ۾ شرڪت لاءِ 20 فيبروري تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ٽي ڊي اي موجب نمائش سعود عرب جي شهر رياض ۾ 13 اپريل کان 16 اپريل تائين جاري رهندي جنهن ۾ اي آءِ اينڊ مشين لرنگ، انٽرپرائز سافٽ ويئر ساليوشنز، اي ڪامرس، انٽرٽينمينٽ اينڊ ميڊيا، انرجي ۽ فن ٽيڪ سان واڳيل ماڻهو يا ادارا پنهنجي مصنوعات عالمي خريدارن آڏو پيش ڪرڻ سان گڏو گڏ پنهنجا ڪاروباري معاملا طئي ڪري سگهندا.نمائش جي حوالي سان وڌيڪ تفصيل اٿارٽي جي ويب سائيٽ تان حاصل ڪري سگهجن ٿا.