نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي دعوت تي انڊونيشيا جو سيڙپڪاري وارو وزير اسلام آباد پهچي ويو

اسلام آباد- 10 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي دعوت تي انڊونيشيا جو سيڙپڪاري ۽ ڊائون اسٽريم انڊسٽري جو وزير ۽ انڊونيشيا جي خودمختيار ويلٿ فنڊ (دانانتارا) جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر روسان روزلاني اسلام آباد پهچي ويو. اڱاري تي پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب هوائي اڏي تي پرڏيهي وزارت جي (اوڀر ايشيا ۽ پئسفڪ) جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ پاڪستان ۾ …

اسلام آباد- 10 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي دعوت تي انڊونيشيا جو سيڙپڪاري ۽ ڊائون اسٽريم انڊسٽري جو وزير ۽ انڊونيشيا جي خودمختيار ويلٿ فنڊ (دانانتارا) جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر روسان روزلاني اسلام آباد پهچي ويو. اڱاري تي پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب هوائي اڏي تي پرڏيهي وزارت جي (اوڀر ايشيا ۽ پئسفڪ) جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ پاڪستان ۾ انڊونيشيا جي سفير سندس استقبال ڪيو. پاڪستان جي دوري دوران انڊونيشيا جو سيڙپڪاري وارو وزير نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ پاڪستان-انڊونيشيا ڀائيواري جي فروغ جي امڪانن تي جامع ڳالهه ٻولهه ڪندو.

مزید خبریں