سپريم ڪورٽ ۾ توشه خانه فوجداري ڪيس جي ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ باني کي جيل ۾ دستياب سهولتن جو جائزو وٺڻ لاءِ ايڊووڪيٽ سلمان صفدر فرينڊ آف دي ڪورٽ مقرر

اسلام آباد -10 فيبروري (اي پي پي) سپريم ڪورٽ تحريڪ انصاف جي باني  خلاف توشه خانه فوجداري ڪيس جي ٻڌڻي دوران جيل ۾ سندس موجوده صورتحال ۽ دستياب سهولتن جو جائزو وٺڻ لاءِ ايڊووڪيٽ سلمان صفدر کي فرينڊ آف دي ڪورٽ مقرر ڪري ڇڏيو آهي. عدالت سلمان صفدر کي هدايت ڪئي ته هو جيل وڃي پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ڪري ۽ سموري صورتحال تي ٻڌل لکت واري رپورٽ عدالت …

اسلام آباد -10 فيبروري (اي پي پي) سپريم ڪورٽ تحريڪ انصاف جي باني  خلاف توشه خانه فوجداري ڪيس جي ٻڌڻي دوران جيل ۾ سندس موجوده صورتحال ۽ دستياب سهولتن جو جائزو وٺڻ لاءِ ايڊووڪيٽ سلمان صفدر کي فرينڊ آف دي ڪورٽ مقرر ڪري ڇڏيو آهي. عدالت سلمان صفدر کي هدايت ڪئي ته هو جيل وڃي پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ڪري ۽ سموري صورتحال تي ٻڌل لکت واري رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي.  پي ٽي آءِ باني سان سلهاڙيل ڪيس جي ٻڌڻي اڱاري تي سپريم ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ ڪئي. بئنچ ۾ چيف جسٽس سپريم ڪورٽ جسٽس يحييٰ آفريدي ۽ جسٽس شاهد بلال حسن شامل هئا. ٻڌڻي دوران عدالت سلمان صفدر کي عدالتي نمائندو مقرر ڪندي حڪم ڏنو ته هو جيل ۾ پي ٽي آءِ باني جي موجوده حالت، صحت، سهولت ۽  مجوعي صورتحال جو مشاهدو ڪري ۽ ان حوالي سان جامع رپورٽ پيش ڪري. عدالت سپرنٽينڊنٽ جيل کان به پي ٽي آءِ باني جي جيل ۾ موجوده صورتحال بابت الڳ رپورٽ طلب ڪئي آهي. ان موقعي تي اٽارني جنرل عدالت ۾  5 آگسٽ کان 18 آگسٽ 2023ع تائين جي رپورٽ پيش ڪئي ۽ ٻڌايو ته اها رپورٽ اٽڪ جيل ۾ قيد دوران ڪئي آهي. چيف جسٽس ان موقعي تي سلمان صفدر کي فوري طور جيل وڃڻ جي هدايت ڪئي ۽ اٽارني جنرل کي تاڪيد ڪئي ته ملاقات ۾ ڪنهن به قسم جو مسئلو پيش نه اچڻ گهرجي. چيف جسٽس، سلمان صفدر سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن ملاقات دوران ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ يا ڏکيائي پيش اچي ته هو سڌيءَ ريت عدالت سان رابطو ڪري سگهي ٿو.  ٻڌڻي دوران وڪيل لطيف کوسه به روسٽرم تي آيو ۽ موقف اختيار ڪيو ته کيس پي ٽي آءِ باني سان ملاقات جي اجازت نٿي ڏني وڃي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته عدالت ان حوالي سان واضح حڪم جاري ڪري چڪي آهي ۽ سلمان صفدر اڄ ئي جيل ويندو.  سپريم ڪورٽ ٻئي رپورٽون ملڻ کان پوءِ  فيصلو ڪرڻ جو اشارو ڏيندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 12  فيبروري خميس تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

مزید خبریں