دبئي ۾ ورلڊ هيلٿ نمائش (ڊبليو ايڇ ايڪس) 2026ع شروع، پاڪستان پاران صحت جي شعبي ۾ پنهنجي جدت جو مظاهرو

دبئي- 10 فيبروري (اي پي پي) دبئي ۾ ورلڊ هيلٿ نمائش (ڊبليو ايڇ ايڪس) 2026ع شروع ٿي وئي آهي، پاڪستان پاران نمائش ۾ صحت جي شعبي ۾ پنهنجي جدت جو مظاهرو ڪيو آهي. نمائش 12 فيبروري تائين جاري رهندي. قونصليٽ جنرل آف پاڪستان دبئي پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب ورلڊ هيلٿ نمائش (ڊبليو ايڇ ايڪس) 2026ع ۾ پاڪستان پويلين جو افتتاح ڪيو ويو. افتتاحي تقريب ۾ قونصليٽ جنرل آف …

دبئي- 10 فيبروري (اي پي پي) دبئي ۾ ورلڊ هيلٿ نمائش (ڊبليو ايڇ ايڪس) 2026ع شروع ٿي وئي آهي، پاڪستان پاران نمائش ۾ صحت جي شعبي ۾ پنهنجي جدت جو مظاهرو ڪيو آهي. نمائش 12 فيبروري تائين جاري رهندي. قونصليٽ جنرل آف پاڪستان دبئي پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب ورلڊ هيلٿ نمائش (ڊبليو ايڇ ايڪس) 2026ع ۾ پاڪستان پويلين جو افتتاح ڪيو ويو. افتتاحي تقريب ۾ قونصليٽ جنرل آف پاڪستان، دبئي ٽريڊ اينڊ انويسٽمينٽ ڪائونسلر علي زيب خان ۽ پريس ڪائونسلر محمد صالح شرڪت ڪئي، ان کان علاوه نمائش ۾ حصو وٺندڙ پاڪستاني ڪمپنين جي نمائندن شرڪت ڪئي. ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) جي اهتمام هيٺ 40 مشهُور پاڪستاني ڪمپنيون هن نمائش ۾ حصو وٺي رهيون آهن، جيڪي صحت جي شعبي ۾ مينوفيڪچرنگ، طبي اوزارن، جراحي جي اوزارن ۽ دواسازي جي جدت ۾ پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪري رهيُون آهن. هي شرڪت عالمي صحت جي صنعت ۾ پاڪستان جي وڌندڙ ڪردار کي اجاگر ڪري ٿي. ورلڊ هيلٿ نمائش 2026ع جيڪا متحده عرب امارات جي صحت ۽ تحفظ جي وزارت جي سرپرستي ۾ منعقد ڪئي پئي وڃي، جيڪا دنيا جي سڀ کان وڏي ۽ ساکائتي طبي نمائشن ۾ شمار ٿئي ٿي.